خبردار، شهباز حڪومت عوام مٿان پيٽرول بم ڪيرائڻ لاءِ تيار

خبردار، شهباز حڪومت عوام مٿان پيٽرول بم ڪيرائڻ لاءِ تيار

ڪراچي (م ڊ) شهباز شريف جي حڪومت هڪ مهيني جي اندر ئي عوام مٿان پيٽرول بم ڪيرائڻ جون تياريون ڪري ورتيون، شهباز حڪومت جو ناڻي وارو وزير مفتاح اسماعيل پهرين مئي کان پيٽرول تي 40 روپيا سبسڊي ختم ڪرڻ جو اشارو ڏيندي عيد جون خوشيون کسڻ جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو پنهنجي هڪ بيان ۾ مفتاح اسماعيل چيو آهي ته آمريڪا ۾ آءِ ايم ايف جي عملدارن سان ملاقات ڪئي آهي، هو چون ٿا ته پنهنجي عوام کي پيٽرول تي سبسڊي نه ڏيو ان ڪري پيثرول مهانگو ڪيو وڃي مفتاح اسماعيل پنهنجي بيان ۾ چوي ٿو ته شهباز شريف جي حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته گذريل حڪومت عمران خان طرفان ڏنل سبسڊي ختم ڪري يا گهٽ ڪري پيٽرول مهانگو ڪيو وڃي ۽ حڪومت هن ڳالهه تي متفق آهي هن چيو آهي ته آءِ ايم ايف پاڪستان ۾ اسٽرڪچر اصلاحات چاهي ٿو ۽ اسان آءِ ايم ايف سان متفق آهيون ۽ هن کي تڪراري بڻائڻ نٿا چاهيون مفتاح اسماعيل چيو ته ايف اي ٽي ايف جي گري لسٽ کان نڪرڻ چاهيون ٿا، هڪ سال جي اندر اسان کي الڪيشن طرف وڃڻو آهي

پهنجو تبصرو موڪليو