حمزه شهباز جي حلف برداري، صدر کي نمائندو مقرر ڪرڻ جي هدايت

حمزه شهباز جي حلف برداري، صدر کي نمائندو مقرر ڪرڻ جي هدايت

لاهور: (م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ صدر عارف علوي کي پنجاب جي وڏي وزير جي حلف لاءِ نمائندو مقرر ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پنجاب جي نئين چونڊيل وڏي وزير حمزه شهباز جي حلف برداري لاءِ داخل ڪيل درخواست تي ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب احمد اويس عدالت ۾ پيش ٿيو. ايڊووڪيٽ جنرل عدالت کي ٻڌايو ته گورنر حلف وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي ان تي چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ چيو ته لکي ڏيو ته گورنر حلف کڻائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي ته جيئن اسان حلف جي لاءِ ڪنهن ٻئي کي چئون، جنهن کان پوءِ عدالت ٻڌڻي 11 بجي تائين ملتوي ڪري ڇڏي. 2 وڳي کان پوءِ عدالت ۾ جڏهن ٻيهر ٻڌڻي شروع ٿي ته ايڊووڪيٽ جنرل عدالت کي ٻڌايو ته پنجاب جي گورنر 24 ڪلاڪن جي اندر حلف نه وٺڻ جا سبب صدر کي لکندو ان تي حمزه شهباز جي وڪيل اشتر اوصاف چيو ته گورنر آئين کان انڪار نٿو ڪري سگهي.چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ ان تي چيو ته آئين تحت گورنر انڪار نٿو ڪري سگهي. هو هاڻ پنهنجو فيصلو لکرائي رهيو آهي. چيف جسٽس فيصلو لکرايو ته گورنر وڏي وزير کان حلف وٺڻ کان لاچاري ظاهر ڪري ڇڏي آهي ان ڪري حلف جي لاءِ صدر ڪو ٻيو نمائندو مقرر ڪري جيڪو پنجاب جي وڏي وزير کان حلف وٺي. جنهن کان پوءِ چيف جسٽس هاءِ ڪورٽ آفيس کي به هدايت ڪئي ته صدر کي عدالتي فيصلي کان آگاهه ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو