پي آءِ او جي اضافي چارج ايم ڊي ، ايَ پي پي حوالي

پي آءِ او جي اضافي چارج ايم ڊي ، ايَ پي پي حوالي

اسلام آباد (بيورو) انفارميشن گروپ جي گريڊ 20 جي آفيسر مبشر حسن کي ڊائريڪٽر جنرل/ پرنسپل انفارميشن آفيسر پي آءِ ڊي جي اضافي چارج ڏني وئي آهي. مبشر حسن هن وقت ايسوسيئيٽڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جو مئنيجنگ ڊائريڪٽر آهي. سندس نئين اضافي ذميواري جو باضابطه نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. ان دوران انفارميشن گروپ جي گريڊ 21 جي آفيسر سهيل علي خان، جيڪو ڊائريڪٽر جنرل/ پرنسپل انفارميشن آفيسر، پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ، اسلام آباد طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيو هو، کي تبديل ڪري فوري طور تي اطلاعات واري وزارت کي رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو