مراد علي شاهه جي وزيراعظم سان ملاقات

مراد علي شاهه جي وزيراعظم سان ملاقات

اسلام آباد: (بيورو) وزيراعظم شهباز شريف سان سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ملاقات ڪئي آهي جنهن ۾ وزيراعظم عوام کي معاشي ريليف جي فراهمي تي زور ڏنو آهي. شهباز شريف چيو ته رمضان المبارڪ دوران جيڪو ريليف پيڪيج ڏنو ويو آهي ان تي عمل ڪيو وڃي. ملاقات ۾ ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون. سنڌ جي وڏي وزير وزيراعظم کي ڪابينه جي پهرين اجلاس ۾ ملڪ جي ترقي لاءِ گڏيل تعاون سان ڪم ڪرڻ جي ارادن تي مبارڪباد پيش ڪئي. وڏي وزير ملاقات دوران وزيراعظم کي سنڌ جي انتظامي معاملن تي به بريفنگ ڏني. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته موجوده حڪومت جي اولين ترجيح مهانگائي جي چڪي ۾ پيسجندڙ عوام کي تڪڙو رليف ڏيڻ آهي. عوامي ريليف لاءِ صوبا ۽ وفاق ملي ڪم ڪندا.

پهنجو تبصرو موڪليو