زرداري ۽ چوڌري شجاعت جي ملاقات، اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي

زرداري ۽ چوڌري شجاعت جي ملاقات، اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي

اسلام آباد(بيورو)اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ مسلم ليگ ق جي سربراهه چوڌري شجاعت حسين وچ ۾ ملاقات جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ملاقات ۾ آصف زرداري چوڌري شجاعت کي پنهنجي پٽ سالڪ حسين کي ڪابينا ۾ شامل ڪرڻ جي آڇ ڪئي. ذريعن موجب آصف علي زرداري چيو ته هو سالڪ حسين کي وفاقي ڪابينا ۾ شامل ڪرڻ چاهي ٿو. اڳوڻي صدر چيو ته هو چوڌري سالڪ حسين کي هر صورت ۾ ڪابينا ۾ آڻيندو.ياد رهي ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري گذريل ڏينهن چوڌري شجاعت حسين سان سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي هئي جنهن ۾ سياسي صورتحال تي سهڪار تي مسلم ليگ ق جي صدر جو شڪريو ادا ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو