اسلام آباد(بيورو)وفاقي حڪومت اوورسيز (سمنڊ پار) پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ واري قانون تي نظرثاني جو فيصلو ڪيو آهي نئين اتحادي حڪومت چونڊ سڌارن تي ڪم شروع ڪيو آهي ۽ اتحادي پارٽين کان تجويزون طلب ڪيون آهن قانون واري وزارت پي ٽي آءِ جي حڪومتي دور ۾ ڪيل قانونسازي جو به جائزو وٺڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ اوورسيز پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ واري قانون تي نظرثاني جو فيصلو ڪيوو يو، جڏهن ته ايندڙ عام چونڊن ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين استعمال نه ڪرڻ تي غور شروع ڪيو ويو آهي










