سنڌ ۾ گاڏين جي جديد فيچر واريون نمبر پليٽس جاري

سنڌ ۾ گاڏين جي جديد فيچر واريون نمبر پليٽس جاري

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ حڪومت صوبي ۾ گاڏين جي جعلي نمبر پليٽ کي ٻنجو ڏيڻ ۽ گاڏين جي ملڪيت ڊجيٽل طريقي سان پرکڻ لاءِ صوبي ۾ جديد سيڪيورٽي فيچرز سان گڏ گاڏين جون نمبر پليٽون جاري ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي سنڌ حڪومت جديد سيڪيورٽي فيچرز ۽ نئين ڊزائن سان تيار ڪيل گاڏين جون نمبر پليٽون جاري ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيون ماڻهو وڏي انگ ۾ نمبر پليٽون وٺڻ لاءِ رابطا ڪري رهيا آهن ان حوالي سان سنڌ جي ايڪسائيز کاتي جي ڊپٽي ڊاريڪٽر ايدمن ضياء شاهد ٻڌايو ته نيون نمبر پليٽس نيشنل ريڊيو اينڊ ٽيلي ڪميونيڪيشن اين آر ٽي سي جي سهڪار سان ٺاهيون ويون آهن هن ٻڌايو ته نئين نمبر پليٽن سان گاڏين جي ٽريڪنگ ۽ ڊيٽا حاصل ڪرڻ سولو ٿيندو جڏهن ته هي نمبر پليٽون ڪئميرا ريڊايبل هونديون ضياء شاهد ٻڌايو ته انهن نئين نمبر پليٽس ۾ پنج سيڪيورٽي فيچرز موجود هوندا. جن ۾ آر آئي ايف ڊي مطلب ٽريڪنگ چپ، ليزر سيريل نمبر سنڌ حڪومت جو مونوگرام ليزر اينٽي گريٽڊ مارڪ ۽ هر نمبر پليٽ تي گرافڪس شامل آهن هن ٻڌايو ته انهن نئين نمبر پليٽس ۾ جديد بار ڪوڊ به هوندو جنهن کي اسڪين ڪري انهيءَ وقت اهو ڏسي سگهجي ٿو ته هي پليٽ اصلي آهي يا نه ان کان سواءِ هن بار ڪوڊ ۾ گاڏي جي مالڪي سميت سموري ڄاڻ ملي سگهندي ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيسن کاتي مطابق سنڌ جي ثقافتي اجرڪ جي ڊزائن سان تيار هي نمبر پليٽون اس ۽ پاڻي جي اثرن کان محفوظ ۽ نه مڙندڙ ايلومينيم سيٽ سان تيار ڪيون ويون آهن جن کي رات جي اونداهي ۾ به پڙهي سگهجي ٿو ياد رهي ته هي نمبر پليٽون پنجاب ۽ بلوچستان ۾ متعارف ٿي چڪيون اهن ۽ اتي ان جي قيمت 1400 رپيا آهي جڏهن ته سنڌ ۾ قيمت 18 سئو رپيا مقرر ڪئي وئي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو