زاهد اڪرم دراني بنا مقابلي ڊپٽي اسپيڪر چونڊجي ويو

زاهد اڪرم دراني بنا مقابلي ڊپٽي اسپيڪر چونڊجي ويو

اسلام آباد: (ويب ڊيسڪ) ڊپٽي اسپيڪر جي لاءِ ڪنهن ٻئي جا نامزدگي ڪاغذ نه اچڻ تي زاهد اڪرم دراني بنا مقابلي قومي اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر چونڊجي ويو آهي.رپورٽ موجب ڊپٽي اسپيڪر جي لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جو وقت ختم ٿي ويو آهي جنهن کان پوءِ زاهد اڪرم دراني کان سواءِ ڪنهن ٻئي نامزدگي ڪاغذ جمع ناهن ڪرايا.اهڙي طرح زاهد اڪرم دراني بنا مقابلي قومي اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر چونڊجي ويو آهي. سندس چونڊجڻ جو باضابطه اعلان ڪيو ويندو. جڏهن ته زاهد اڪرم دراني سڀاڻي پنهنجي عهدي جو حلف کڻندو.

پهنجو تبصرو موڪليو