ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) صدر عارف علوي سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل جي استعيفيٰ منظور ڪري ورتي، ڪابينا ڊويزن استعيفيٰ منظور ڪندي نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي عمران اسماعيل جي استعيفيٰ منظور ٿيڻ بعد نئون گورنر مقرر ٿيڻ تائين سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر آغا سراج دراني سنڌ جو وقتي گورنر رهندو ياد رهي ته سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل 11 اپريل تي پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي هئي پنهنجي بيان ۾ عمران اسماعيل جو چيو هو ته جيئن ئي شهباز شريف قسم کڻندو ته هو استعيفيٰ ڏيندو، نٿو چاهي ته هڪ لمحو به شهباز شريف کي سر چوڻو پوي، هي شخص نا اهل آهي، مقصود چپڙاسي جي اڪائونٽ مان اربين روپيا نڪتا عمران اسماعيل چيو هو ته هو شهباز شريف کي وزيراعظم نه ٿو سمجهي، پنهنجي شفٽنگ جو عمل شروع ٿي چڪو آهي، هن استعيفيٰ لکي موڪلي ڇڏي آهي ۽ صدر کي موڪليندس










