عوامي تحريڪ جو ايم ڪيو ايم سان ڪيل معاهدن خلاف احتجاج

عوامي تحريڪ جو ايم ڪيو ايم سان ڪيل معاهدن خلاف احتجاج

حيدرآباد(ن سنڌيار)قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي چوٿين ڏينھن بہ پ پ، ن ليگ ۽ ايم ڪيو ايم جي سنڌ دشمن معاھدي خلاف مختلف شھرن ۾ مظاھرا ۽ ريليون ڪيون ويون۔ ان ڏس ۾ ڳڙھي خيرو ۾ گل مصطفي، باسط بروھي، جاويد جمالي، اشرف پنھور جي اڳواڻي ۾ مظاھرو ڪيو ويو۔ نئون ديرو ۾ ايڊووڪيٽ غلام شبير جتوئي، جميل احمد ميمڻ، سڪندر لاشاري، جميل احمد لاڙ، امان الله ڀٽو، عامر ميراڻي، يوسف ڏيٿو ۽ شاھنواز ڏيٿو جي اڳواڻي ۾ الله والا چوڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي۔ وارھ ۾ ٽيڪسي اسٽينڊ کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو ھنيو ويو، جنھن جي اڳواڻي ڪامريڊ علي اڪبر خاصخيلي، معشوق مرکنڊ، اياز سرتاج چانڊيو، امير بخش خاصخيلي، رابيل چانڊيو، حفيظ تونيو، ظھير ڪلھوڙو، اياز مغيري، شعيب ء ٻين ڪئي۔ ھڱورجا ۾ پنجل خان پليجو جي اڳواڻي ۾ قومي شاھراھ تي مظاھرو ڪيو ويو۔ ان موقعي تي اڳواڻن چيو تہ پيپلزپارٽي ھر دؤر م ڪرسيء خاطر ايم ڪيو ايم سان سنڌ دشمن معاھدا ڪري سنڌ کي ديوار سان لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي آھي۔ ھنن چيو تہ سنڌ جو عوام اھڙن سنڌ دشمن معاھدن کي رد ٿو ڪري۔ پ پ، ن ليگ ايم ڪيو ايم سان معاھدو ڪيو آھي تہ ڪراچي حيدرآباد ۽ ميرپورخاض دھشتگرد مافيا حوالي ڪيا ويندا۔ سنڌ جي گورنرشپ به ايم ڪيو ايم حوالي ڪئي ويندي۔ انتظامي يونٽن جي بنياد تي الڳ صوبو ٺاهي ڏنو ويندو، جيڪو سرارسر سنڌ ورهائڻ جي سازش آهي۔ اڳواڻن چيو تہ سنڌ جا ماڻهو مري ويندا پر سنڌ جو ورهاڱو ٿيڻ نہ ڏيندا. پ پ پ سنڌ جا ڊوميسائل رد ڪرڻ ۽ سنڌي ماڻهن کي سنڌ جي دل ڪراچي مان بدلي ڪري انهن کي نيڪالي ڏيڻ اهو سڀ ڪجھ سنڌ کي ورهائڻ جي سازش آهي ۽ سنڌ جا ماڻهو ان اقتداري راند جي آڙ ۾ سنڌ ڌرتي جو ورهاڱو ڪڏهن بہ برداشت نہ ڪندا۔ سنڌ وڙهندي ۽ رت جي آخري قطري تائين غدار جاگيردارن وڏيرن حڪمرانن پيپلن ليگلن ايم ڪيو ايم جي دھشتگردن سان وڙهندي پر سنڌ جو ورهاڱو ڪرڻ نه ڏيندا. اسان وفاقي حڪومت ۽ صوبائي حڪومت کان مطالبو ٿا ڪريون تہ سنڌ جي ورهاڱي جا معاهدا فوري طور رد ڪيا وڃن سنڌين جي دلين ۾ ڦهليل بي چيني کي ختم ڪيو وڃي۔ ٻي صورت ۾ احتجاجن جو دائرو وسيع ڪيو ويندو ھوڏانھن ٻئي پاسي قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آھي تہ سنڌ خطرن ۾ گھيريل آھي، پاڻ سڀ ٻين کي ميارون ۽ مھڻا ڏيڻ ڇڏي ڏيون، تنقيدن، الزامن ۽ ٽڪرائن کي پاسي تي رکون، سڄو ڏينھن ڪنھن معجزاتي مدد جي انتظار ۾ خيالي محل ٺاھڻ بدران آس پاس موجود عوام ۽ اڀرن سڀرن وسيلن سان پنھنجي پتيءَ جو ڪم ڪريون. تبديلي ھڪ ڊگھو عمل آھي، جنھن لاءِ ثابت قدمي ۽ ھمٿ کپي، پنھنجي بي رنگ ۽ فقط خانداني مقصدن خاطر گذرندڙ زندگين کي وڏي قومي مقصد سان جوڙي پنھنجي ۽ پنھنجي ايندڙ نسلن لاءِ بامقصد بڻائي، حياتي ۾ ڪنھن وڏي ٽارگيٽ سان جُڙيل ھئڻ جو سُڪون حاصل ڪيون ۽ ثابت قدمي، اعتماد ۽ خاموشيءَ سان، پير پير ۾ ڏئي، ڪلھو ڪلھي سان ملائي سنڌ خلاف سازشن آڏو ديوار بڻجون. قومون مھڻن، ميارن، وڏن اعلانن، تصوراتي محلن، ھوائي ٺڪائن، سطحي نعرن، ھڪ ڏينھن جي ڊرامائي ايونٽس، گلائن، الزامن، پروپيگنڊاز، نظرياتي ڪج بحثين، گار گند، ميڙن منٿن، دعوتن، چالاڪين يا جگاڙن سان نہ پر ڊگھي ۽ اورچ اجتمائي سجاڳي، جرئت، علم، دورانديشي ۽ مسلسل جدوجھد سان تبديل ڪري سگهجن ٿيون. سنڌ کي صرف مٿان کان نہ بلڪ ھيٺان کان، جھوپڙين، چونرن، ڳوٺن، سوڙھين گھٽين، ڪکائن ۽ مڊل ڪلاس گھرن کان بدليل سوچ جي آغاز جي ضرورت آھي، غريب مسڪين ۽ بي پھچ ماڻھو اسان وٽ ڪونه ايندا، اسان کي انھن تائين ڪنھن نہ ڪنھن طريقي سان پاڻ پھچڻو پوندو. سنڌ بدلجڻ لاءِ پرڙا سوري پئي، رڳو پاڻ ھمٿون، وفائون، سجاڳيون، سمجھ، نوان خيال ۽ پيشقدميءَ جو اتساھ ان جي غيرتمند پٽڙن ۽ ڌيئرن تائين پھچايون.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو