ڪراچي(ويب ڊيسڪ)وزيراعظم جي عهدي تان فارغ ٿيڻ کانپوءِ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ملاقاتن جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي.عمران خان سڀاڻي پشاور ۾ جلسي جو اعلان ڪيو هو پر هاڻي پي ٽي آءِ پاران ڪراچي جي جلسي جي تاريخ اوچتو تبديلي ڪئي وئي آهي.پي ٽي آءِ موجب پارٽي چيئرمين عمران خان هاڻي 17 اپريل بدران 16 اپريل تي ڪراچي ۾ جلسي کي خطاب ڪندو.ان کان اڳ پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد عمر ٽوئيٽ ڪندي ڪارڪنن کي مزار قائد تي جلسي بابت آگاهه ڪيو هو جنهن ۾ هن جلسي جي تاريخ 17 اپريل ٻڌائي هئي. اسد عمر چيو ته پاڪستان ڏسندو ته ڪراچي آزاد پاڪستان لاءِ پنهنجي قائد عمران خان سان گڏ آهي.










