آزاد ڪشمير جي وزيراعظم خلاف بي اعتمادي جي رٿ پيش

آزاد ڪشمير جي وزيراعظم خلاف بي اعتمادي جي رٿ پيش

مظفر آباد(ويب ڊيسڪ)آزاد ڪشمير جي وزيراعظم سردار عبدالقيوم نيازي خلاف به بي اعتمادي جي رٿ جمع ڪرائي وئي. آزاد ڪشمير جي وزيراعظم سردار عبدالقيوم نيازي خلاف 25 ميمبرن جي دستخطن سان ٺهراءُ غير اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ جمع ڪرايو ويو. بي اعتمادي جي رٿ ناڻي واري وزير ماجد خان ۽ اڪبر ابراهيم داخل ڪئي هئي جڏهن ته درخواستگذارن طرفان نگران وزيراعظم لاءِ سردار تنوير الياس کي نامزد ڪيو ويو آهي.آزاد ڪشمير جي وزيراعظم خلاف بي اعتمادي واري رٿ جي ڪاميابي لاءِ 53 رڪني ايوان جي 27 ميمبرن جي حمايت جي ضرورت پوندي، جڏهن ته بي اعتمادي واري رٿ تي ٽن ڏينهن بعد ۽ ستن ڏينهن اندر ووٽنگ جي ضرورت پوندي.

پهنجو تبصرو موڪليو