مافياسرگرام،کاڌي پيئڻ جو شيون مهانگيون ڪري ڇڏيو

مافياسرگرام،کاڌي پيئڻ جو شيون مهانگيون ڪري ڇڏيو

نوشھرو فيرز (رپورٽ منظور ملڪ)رمضان شريف جو ڀلارو مھينو ايندي ئي يوٽلٽي اسٽورن تي اٽو ۽ کنڊ غائب شھري پريشان انتظاميه اگھو ر ننڊ ۾ستل نوشھرو فيروز ضلعي جي ننڊن وڏن شھرن مورو ۔نوان جتوئي ۔مٺياڻي ۔ٺاروشاه ۔ڪنڊيارو ۔محرابپور ۔ھالاڻي ۔ڀريا سٽي ۔ڀريا روڊ پڊعيدن ۔دريا خان مري ۔ڦل سميت وڏن ننڊن وڏن شھرن ۾ ۔روز مرھ جي جي استعمال ۾ ايندڙ شين جا اگھ آسمان سان ڳالھيون ڪرڻ لڳا ۔ڊپٽي ڪمشنر صاحب جي مھنگائي خلاف ميٽنگ رڳو ڪاغذن ۾ ئي رھي روز مرھ جون شيون عام شھريء جي خريدڻ کان وڏيون مزدوري ڪندڙ ۽ پگھار دار طبقو لاء گھر ھلائڻ مشڪل بنجي ويو نوشھرو فيروز ضلعي جو عوام مھانگائيء جي چڪيء ۾ پيسجڻ لڳو نوشھرو فيروز جي انتظاميه پنھنجي جاري ڪيل ريٽ لسٽ تي عمل ڪرائڻ ۾ مڪمل ناڪام ۔منافا خورن پاران گوشت ۔مڇي ۔سبزي ۔ٽماٽي ۔ليمون ۔کنڊ۔ اٽي ۽ گيھ جي ھٿرادو قيمتن غريب ماڻھن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو مرغي ڪلو 400کان 500 روپيا گوشت ٻاڪرو 2100 کان 1400 روپيا ڪلو وڏو گوشت 550کان 600 روپيا ڪلو صوف 500 .ڇاھين 80 کان 100 روپيا ٽماٽو 150 کان 180 روپيا ڪلو ڀينڊي ۔طوري پٽا ٽا دال منڱ دال چڻان شربت ۔برف جون قيمتون به ڊبل ٿي ويون غريب بي پھچ ڏھاڙيدار طبقي جا مٿي تي ھٿ حڪومت سنڌ ۽ ڊپٽي ڪمشنر نوشھرو کان مطالبو ڪيو آ ته فورن ھن ڀلاري مھيني ۾ منافاخورن خلاف قدم کڻي غريب بي پھچ ۽ ڏھاڙيدار طبقي جي مايوسي دور ڪئي وڃي ورن سخت احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿيندا ڪجھ به ٿيو ته ان جا ذميوار پاڻ ھوندا۔

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو