اسلام ڪوٽ(رپورٽ صادق بجير )استادن جون خالي جايون مڪمل ڪريو،اسلام ڪوٽ ۾ مختلف يوسين جي اميدوارن ۽ رهواسين جو احتجاجي مظاهرو نعريبازي،لاپرواهي ڪندڙ آفيسرن خلاف ڪاروائي جو مطالبو تفصيل موجب:اسلام ڪوٽ تعلقي ۽ ضلعي جي تعليم کاتي جي لاپرواهي سبب مختلف يوسين جي ڪيترن ئي اسڪولن ۾ استادن جي کوٽ هجڻ جي باوجود جايون اوپن نه ٿي نه سگهيون آهن جنهن سبب تازو پي ايس ٽي ۾ ٿيل ڀرتين ۾ ڪيتريون ئي جايون ڀرجي ناهن سگهيون ۽ پاس ٿيندڙ سوين اميدوار نوڪريون ملڻ کان رهجي ويا آهن ان سلسلي ۾ گذريل ڏينهن تعلقي جي مختلف يونين ڪائونسل سينگارو،ڪيهڙي ۽ گريانڇو جي پي ايس ٽي پاس ڪندڙ اميدوارن توڙي مختلف سياسي سماجي اڳواڻ وريام لنجو،مظهر لنجو،سريش ڪمار،موٽومل ديدار لنجو،درياخان لنجو،ذڪاولله هاليپوٽو،واعظ لنجو،مٺن سميجو،يامين سومرو،پارو مل،معشوق علي،عاشق علي،کينئراج ڀيل جي اڳواڻي ۾ نوجوانن پاران پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي ان موقعي تي هنن دانهيندي چيو ته اسان جي يوسين جي مختلف ڳوٺن ۾ موجود اسڪولن ۾ سوين جايون خالي پيل آهن تعليم کاتي ٿرپارڪر ۽ تعلقي اسلام ڪوٽ جي ٽي او تعليم جي نااهلي ۽ لاپرواهي سبب خالي جايون فل نه ڪيون ويون جنهن سبب تازو پي ايس ٽي ۽ جي ايس ٽي جي ٿيل ڀرتين ۾ اهي رهجي ويل جايون ڀرجي سگهيون ناهن ۽ تازو پاس ٿيل سوين اميدوار نوڪرين کان رهجي ويا آهن هنن چيو ته اها سموري ذميواري تعليم کاتي جي آفيسرن جي هئي پر آفيسرن سستي جو مظاهرو ڪندي پنهنهي فرض ۾ ڪوتائي ڪئي جنهن سبب نه صرف ڪيترائي بيروزگار نوجوان نوڪرين کان محروم ٿي ويا پر هزارين معصوم ٻار تعليم جهڙي زيور کان به محروم ٿي ويا آهن اسان صوبائي وزير تعليم سيد سردار شاھ سميت اعلىٰ اختيارين کان مطالبو ٿا ڪريون ته ترت نوٽيس وٺي اسان جي يونين ڪائونسلن ۾ رهجي ويا ماستري جي جاين جون نئين سر لسٽون جوڙي پاس ٿيل اميدوارن کي نوڪرين جا آڊر ڏيئي بيروزگاري ختم ڪرڻ سان گڏ بند پيل اسڪولون کوليون وڃن.










