پنجاب جي گورنر پاران استعيفيٰ ڏيڻ جو امڪان

پنجاب جي گورنر پاران استعيفيٰ ڏيڻ جو امڪان

لاهور(ويب ڊيسڪ)عمران خان خلاف بي اعتمادي واري رٿ کانپوءِ ڪجهه ڏينهن اڳ پنجاب جو گورنر مقرر ٿيل عمر سرفراز چيما جي استعيفيٰ جو امڪان آهي. گذريل ڏينهن خيبرپختونخواهه جي گورنر شاهه فرمان هڪ بيان ۾ چيو هو ته جيئن ئي شهباز شريف وزيراعظم ٿيندو ته هو پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏيندو ڇو ته کيس وزيراعظم جو پروٽوڪول نٿو ڏئي سگهجي. هاڻ ذريعن جو چوڻ آهي ته پنجاب جي گورنر عمر سرفراز چيما جي به استعيفيٰ جو امڪان آهي، عمر چيما به نئين وزيراعظم جو قسم کڻندي ئي استعيفيٰ ڏيندو. عمران خان پنجاب جي گورنر عمر سرفراز چيما کي اسلام آباد طلب ڪري ورتو آهي، هو اڄ بني گالا ۾ پي ٽي آءِ جي ڪور ڪميٽي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو