ڊالر جي قدر ۾ ٿوري گهٽتائي، اسٽاڪ ايڪسچينج ۾  مثبت رجحان

ڊالر جي قدر ۾ ٿوري گهٽتائي، اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ مثبت رجحان

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ ملڪ ۾ ڪاروباري سطح تي استحڪام اچي رهيو آهي.جمعي تي واپار جي شروعات تي ڊالر جي قدر ۾ ڪجهه گهٽتائي ٿي ۽ ڊالر 57 پئسا گهٽجي 187.60 رپيا ٿي ويو.ڪالهه ڊالر جي قيمت 2 رپيا 80 پئسا ٿي وئي هئي ۽ ڊالر 188 رپين کان وڌي ويو هو.ٻئي طرف پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ به واپار جي شروعات مثبت ٿي ۽ 100 انڊيڪس 449 پوائنٽن جي واڌ سان انڊيڪس 44236 جي سطح تي اچي ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو