ڀلاري مهيني ۾ منافعي خور باز نه آيا،کاڌي پيتي  جو شيون مهانگيون

ڀلاري مهيني ۾ منافعي خور باز نه آيا،کاڌي پيتي جو شيون مهانگيون

گڏاپ(رپورٽر)رمضان شريف جو ڀلارو مهينو شروع ٿيندي ئي گڏاپ سٽي ,لاسي ڳوٺ سميت مختلف علائقن ۾ مهانگائي جو طوفان منافعا خورن جون موجون ريٽ لسٽون ڪيترن سالن کان ڪونه ٿا ڏنا وڃن ته عمل ڪيئن ڪجي دڪاندارن جو صحافين جي پڇيل سوال تي جواب , عام واھپي جي شين سميت فروٽ سبزي گوشت مڇي مرغي ,تيل توڙي ٻين شين جا اگھ واپارين ٻيڻ تي ڪري ڇڏيا عوام پريشان ڪامورن جون ڪاروايون شھري علائقن ۾ فوٽو سيشن ۽ڊرامو قرار تفصيل موجب رمضان شريف جو مقدس مهينو شروع ٿيندي ئي گڏاپ سٽي, لاسي ڳوٺ ,ايوب ڳوٺ,فقيرا ڳوٺ ,احسن آباد,گلشن معمار۽ وزير ڳوٺ سميت ٻين علائقن ۾ منافعا خورن جون موجون لڳي ويون گڏاپ جي انتظاميہ طرفان جاري ڪيل ريٽ لسٽن توڙي حڪمن کي منافعي خور دڪاندارن ٿڏي ڇڏيو نئين ريٽ لسٽن جي باري ۾ دڪاندارن صحافين کي ٻڌايو ته گذريل ڪيترين سالن کان هن علائقن ۾ ريٽ لسٽون نه ٿا ڏنا وڃن ته پوء عمل ڪيئن ڪجي هن علائقن ۾ روزمرھ جي استعمال وارن شين ڀاڄين ,فروٽ, گوشت مڇي مرغي مشروبات کير دھي ڪيلو ھنداڻي سميت عام واھپي جي شين جا اگھ منافعا خورن ٻيڻا ڪري ڇڏيا شھر اندر کير ۽ دھي 100 روپيا ڪلو بجاء 160 رپيا ڪلو جنھن سبب ميون ۾ في ڪلو صوف 250 کان 300 روپيا، پپيتو ۽ چڪو 200، ھنداڻو 80، گدرو 160 روپيا وڪرو ڪيا پيا وڃن، ڀاڄين ۾ تريون 80 کان 100روپيا، ڀينڊي 200، بصر 80، ٽماٽا 180، مرغي 460، وڏو گوشت650 کان 700، ۽ گيھ 420 جان 440 روپيا پکوان تيل 480وڪامڻ لڳو آھي. واپارين پاران شين جا من پسند اگھ وٺڻ سبب غريب ۽ پورھيت طبقو افطاري لاءِ خريداري نه ٿا ڪري سگهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو