اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)فري اينڊ فيئر اليڪشن نيٽ ورڪ (FAFEN) جو چوڻ آهي ته جلد چونڊون ڪرائڻ ۾ آئيني ۽ قانوني پيچيدگيون آهن. تفصيل موجب فافن پاڪستان جي موجوده سياسي صورتحال ۽ آئيني بحران تي سخت خدشن جو اظهار ڪندي جلد چونڊون ڪرائڻ ۾ ڪيترن ئي آئيني، قانوني ۽ عملي چئلينجن جي نشاندهي ڪئي آهي. فافن چيو ته پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه مان اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن جي مقرري ٿيڻي آهي، جڏهن ته عورتن جي ووٽرن جي گهٽ رجسٽريشن به اهم مسئلو آهي. قومي اسيمبلي ٽوڙڻ لاءِ کنيل قدمن جو حتمي فيصلو سپريم ڪورٽ کي ڪرڻو آهي،فافن کي اميد آهي ته سپريم ڪورٽ جلد فيصلو ڪندي، ڇاڪاڻ ته فيصلي ۾ دير ٿيڻ سان آئيني تعطل پيدا ٿي سگهي ٿو.فافن موجب موجوده صورتحال ۾ سياسي پارٽين تي به وڏي ذميواري آهي ته هو پنهنجي ڪارڪنن کي ڪنٽرول ڪن ته جيئن سياسي اختلاف پرتشدد واقعن ۾ تبديل نه ٿين. فافن موجب ضمني چونڊن جي سلسلي ۾ ڪيتريون ئي آئيني ۽ قانوني پيچيدگيون آهن، مقرري اڃا ٿيڻي آهي. ڪنهن به اليڪشن جي مشروعيت بابت سڀ کان وڏو مسئلو اليڪشن ڪميشن جو مدو پورو ٿيڻ آهي، جڏهن ته پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه مان اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن جي مقرري جو عمل اڃا التوا ۾ آهي. قومي اسيمبلي ٽوڙڻ کانپوءِ نگران حڪومت ۾ اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن جي مقرري آئين جي آرٽيڪل 213 (2 بي) تحت غير واضح آهي ڇو ته ان لاءِ وزيراعظم ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ جي مقرري جو عمل شروع ڪرڻ جي ضرورت آهي. خاص ڪميٽي جوڙي وئي آهي.ٻيو آئيني ۽ قانوني مسئلو اهو آهي ته قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي موجوده حدبندي 2017 جي مردم شماري جي نتيجن تي ٻڌل آهي. اهڙي طرح، اليڪشن ايڪٽ، 2017 ۾ تازو ترميمن جو نفاذ، جيڪو EVMs جي استعمال سان واسطو رکي ٿو، پڻ واضح ناهي.ووٽر طور عورتن جي گهٽ رجسٽريشن پڻ هڪ وڏو مسئلو آهي، اٽڪل 11.37 ملين عورتون اڃا تائين ووٽر طور غير رجسٽرڊ ٿيل آهن. جيڪڏهن چونڊون ٽن مهينن اندر ٿيون ته اليڪشن ايڪٽ جي سيڪشن 39 تحت اليڪشن پروگرام جي اعلان کان 30 ڏينهن اڳ چونڊ ضابطن کي منجمد ڪرڻو پوندو. اهڙي ريت لکين عورتون ووٽ جي حق کان محروم ٿي وينديون.










