گهوٽڪي)حميد ڪلادي( اين اي 205 جي ننڍي چونڊ ۾ پ پ اميدوار محمد بخش خان مهر جي اهليت کي ٻيهر اپيليٽ ٽربيونل ۾ چيلينج ڪرڻ لاءِ درخواست داخل ڪئي وئي آهي، جنهن تي کيس نوٽيس جاري ڪندي 4 جولاءِ تي طلب ڪيو ويو آهي. درخواست علي گوهر خان جي منشي شبراتي پاران ايپليٽ ٽربيونل جي ڊبل بينچ ۾ داخل ڪئي وئي آهي. جنهن ۾ چيو ويو آهي ته سردار محمد بخش خان مهر نامزدگي ڪاغذن ۾ مڪمل اثاثا ظاهر ناهن ڪيا ۽ هو صادق ۽ امين ناهي رهيو، ن ڪري سندس نامزدگي فارم رد ڪيو وڃي. درخواست گذار چيو آهي ته ٽربيونل جي سنگل بينچ اسان جي اعتراضن کي نه ٻڌو، مختيارڪار خانڳڙهه ۽ ميرپورماٿيلو رپورٽ به نه ڏني آهي. اپيليٽ ٽربيونل درخواست کي ٻڌڻ جوڳو قرار ڏيندي سردار محمد بخش خان مهر کي 4 جولاءِ تي پيش تين لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.










