اپريل ۾ نئين آرمي چيف جي مقرري افواهه آهي،خان

اپريل ۾ نئين آرمي چيف جي مقرري افواهه آهي،خان

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نئين آرمي چيف جي اپريل ۾ مقرري جون ڳالهيون افواهون آهن، مقرري نومبر ۾ ٿيڻي آهي. سينئر صحافين سان ملاقات دوران وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ سياسي عدم استحڪام هڪ سوچيل سمجهيل سازش تحت پکيڙيو پيو وڃي. عمران خان چيو ته بي اعتمادي رٿ تي آخري وقت ۾ خبر پوندي، ڪيترا ماڻهو آيا، ان ڏينهن ئي خبر پئجي ويندي. اتحادين سان رابطي ۾ آهيون، آخري ڏينهن تي سمورا ڪارڊ سامهون اچي ويندا، نمبر گيم آخري ڪلاڪ تائين هلندي. اميد آهي ته جلد يا دير سان چونڊون ٿينديون، بي اعتمادي جي تحريڪ جو جيڪو به نتيجو نڪرندو، ان لاءِ تيار آهيون، سياسي صورتحال ڪهڙي به  هجي، اسان ڪڏهن به ادارن خلاف رويو اختيار نه ڪنداسين، جيئن ماضي جي حڪومتن ڪيو هو. هن چيو ته آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سان سندس سٺا لاڳاپا آهن، نئين آرمي چيف جي مقرري نومبر ۾ ٿيڻي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو