اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي پريس ڪانفرنس ۾ ٻڌايو ته هن ڏکڻ پنجاب صوبي جي قيام لاءِ آئيني ترميمي بل قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر کي پيش ڪيو آهي، بل سومر ڏينهن ٿيندڙ قومي اسيمبلي جي اجلاس جي ايجنڊا ۾ شامل ڪيو ويندو. ان موقعي تي قومي اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري پڻ موجود هو. پرڏيهي وزير قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي گذارش ڪئي ته هي بل سومر ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس جي ايجنڊا ۾ شامل ڪيو وڃي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر پرڏيهي وزير جي درخواست تي ڏکڻ پنجاب آئيني ترميمي بل کي سومر جي اجلاس جي ايجنڊا ۾ شامل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته مان يوسف رضا گيلاني، بلاول ڀٽو ۽ شهباز شريف کي چوان ٿو ته اچو گڏجي ڏکڻ پنجاب جو صوبو ٺاهيون. هن چيو ته بل تي ووٽنگ ۾ خبر پئجي ويندي ته ڪير ان جي حمايت ۽ ڪير مخالفت ڪري ٿو.










