ٻن شاگرد ڌرين ۾ جهيڙو، يونيورسٽي بند ٿي وئي

ٻن شاگرد ڌرين ۾ جهيڙو، يونيورسٽي بند ٿي وئي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اردو يونيورسٽي گلشن اقبال ڪيمپس جنگ جو ميدان بڻجي ويو، ٻن شاگرد تنظيمن وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران لٺين ۽ سروٽن ۽ پٿرن جو استعمال ڪيو ويو. لٺين ۽ پٿرن جي نتيجي ۾ ڪيترائي شاگرد زخمي ٿي پيا، جنهن بعد پوليس ۽ رينجرز صورتحال تي ضابطو آندو. يونيورسٽي انتظاميا جو چوڻ آهي ته يونيورسٽي کي خالي ڪرايو ويو آهي. پوليس موجب گذريل ڪجهه ڏينهن کان ٻنهي تنظيمن وچ ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال هئي. ڪجهه شاگردن جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع آهن پر ڪو به ميديڪل ليٽر جاري نه ڪيو ويو آهي، يونيورسٽي انتظاميا کي جوابدارن جو تعين ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو