سانگهڙ (رپورٽ نادر بڙدي) ٻيراڻي ٿاڻي جي حد ڳوٺ نورمحمد رند ۾ جيءُ جهوريندڙ واقعو، جوابدار رياض ولد علي دوست رند فائرنگ ڪري پنهنجي ٻن زالن بلقيس ۽ حسنا ۽ 3 سالن جي ڌي ڪلثوم رند کي بندوق سان فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو لاش اسپتال منتقل ڪيا ويا آھن جڏهن ته جوابدار فرار ٿي ويو آھي، وارث اصل حقيقت ٻڌائڻ کان لنوائي رهيا آھن رڳو ايترو ٻڌايو پيو وڃي ته جوابدار موالي هو جنهن بيگناھ ٻنهي زالن کي قتل ڪيو آھي.

اطلاع ته ٻيراڻي پوليس واقعي وري هنڌ پهچي لاشن کي تحويل ۾ وٺڻ بعد پوسٽ مارٽم لاء تعلقه اسپتال ٽنڊوآدم نيو ويو رابطي ڪرڻ تي ايس ايڇ او تنظيم وڳڻ ٻڌايو ته اسان اطلاع تي واقعي واري هنڌ پهتا آھيون واقعي بابت تفصيل وٺي رهيا آھيون واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويو آھي جنهن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.










