نوابشاهه(ن سنڌيار) بينظير پبلڪ اسڪول نوابشاھ ۾ سنڌ جي نامور ليکڪا، سياستدان ۽ اطلاعات کاتي سنڌ جي اڳوڻي سيڪريٽري مهتاب اڪبر راشدي جي اعزاز ۾ هڪ تقريب رٿي وئي. تقريب کي خطاب ڪندي مهتاب اڪبر راشدي چيو ته عورت ڪمزور هرگز ناهي ۽ اڄ جي عورت زندگي جي هر شعبي ۾ مردن سان برابر بيٺي آهي، ايتري تائين جو عورتون هينئر ملڪ جي سرحدن جي حفاظت تي معمور فوجي جٿن ۾ پڻ شامل ٿي ڪري پنهنجو ڪردار نڀائين پيون.

هن شاگردياڻين کي مشورو ڏنو ته تعليم جي ميدان ۾ محنت ڪندي پنهنجو مقام بڻايو ۽ اڳتي وڌي ڪري تعليم، صحت، طب، انجنيئرنگ، سياست، ادب ۽ زندگي جي ٻين مختلف شعبن ۾ پنهنجي ڪردار سان ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪريو. هن اسڪولي شاگردياڻين جي نظم ۽ ضبط، ٽيچرس جي ڪارڪردگي ۽ والدين جي تربيت کي ساراهيو. تقريب کي سوشل ويلفيئر آرگنائيزيشن هيلپ لائين جي سيڪريٽري جنرل اخلاق الرحمان، اسڪول جي پرنسپال عبدالمالڪ لکمير، قربان علي راهو ۽ بيگم غزاله قاضي پڻ خطاب ڪيو. انهيءَ موقعي تي اسڪول جي شاگردياڻين ملي نغما، تقريرون ۽ سنڌي ثقافت تي ٺاهيل ٽيبلوز پڻ پيش ڪيا جن کي خوب ساراهيو ويو. تقريب ۾ بينظير پبلڪ اسڪول جي بورڊ آف گورنرس جي ميمبرن بشير بٽ ۽ لاله گل رخ بلوچ، ٽيچرس ۽ شاگردياڻين شرڪت ڪئي.










