ڪنهن اغوا ناهي ڪيو، 24 ميمبر سنڌ هائوس ۾ آهن، راجا

ڪنهن اغوا ناهي ڪيو، 24 ميمبر سنڌ هائوس ۾ آهن، راجا

اسلام آباد( بيورو رپورٽ)سنڌ هائوس ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جهانگير ترين گروپ جي ميمبر راجا رياض چيو آهي ته هتي 24 ايم اين اي موجود آهن. سنڌ هائوس ۾ جيو نيوز جي اينڪر حامد مير سان ڳالهائيندي راجا رياض انڪشاف ڪيو ته پارليامينٽ لاجز تي حملي سبب هو سنڌ هائوس ۾ موجود آهن، اسين ڪنهن لالچ نه پر وفاقي حڪومت پاران اغوا جي ڊپ کان هتي آيا آهيون، اسين مرضي سان آيا آهيون ڪنهن اغوا ناهي ڪيو. حڪومت طرفان پئسا وٺڻ ۽ هارس ٽريڊنگ جي الزام تي راجا رياض چيو ته اسان عمران خان سان اختلاف ڪريون ٿا ان ڪري پنهنجي ضمير موجب ووٽ جو فيصلو ڪنداسين، حڪومت اسانکي تحفظ جي ضمانت ڏين ته اسين پارليامينٽ لاجز وڃڻ لاءِ تيار آهيون. راجا رياض وڌيڪ چيو ته ٻيا به ماڻهو آهن جيڪي هتي اچڻ چاهين ٿا، مسلم ليگ (ن) انهن کي ايدجسٽ نٿي ڪري سگهي. ڇاڪاڻ ته انهن جا پنهنجا ميمبر به آهن. سنڌ اسيمبلي ۾ موجود پي ٽي آءِ جي هڪ ٻئي ايم اين اي نواب شير وسير چيو آهي ته ايندڙ اليڪشن پي ٽي آءِ جي ٽڪيٽ تي نه وڙهندس، آزاد وڙهندس يا عوام کان پڇي فيصلو ڪندس. سنڌ هائوس ۾ هڪ ٻيو ايم اين اي باسط سلطان بخاري به سامهون آيو، جنهن چيو ته وفاقي وزير اسان سان بدتميزي ڪري رهيا آهن. ياد رهي ته گذريل ڏينهن مسلم ليگ ق جي اڳواڻ ۽ پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي انڪشاف ڪيو هو ته حڪومت جا 10 کان 12 ميمبر اپوزيشن جي محفوظ حراست ۾ آهن. هن چيو ته اهڙا 10 يا 12 ايم اين ايز آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو