اسلام آباد(بيورو رپورٽ)ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) وزيراعظم پاران اعلانيل پيٽروليم رليف پيڪيج تحت قيمتن ۾ فرق جو بار کڻڻ لاءِ تيل ڪمپنين لاءِ 12 ارب رپيا اضافي گرانٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ان منظوري کانپوءِ اهڙين شين تي صرف هلندڙ مهيني خرچ 32 ارب رپين تائين پهچي ويو. ناڻي واري وزير شوڪت ترين جي صدارت هيٺ اي سي سي جو گذريل ڏينهن اجلاس ٿيو، جنهن ۾ 8 ارب 30 ڪروڙ روپين جي رمضان رليف پيڪيج جي به منظوري ڏني وئي هئي. جنهن موجب احساس رعايتي راشن جي فنڊ مان 19 کاڌي پيتي جي بنيادي شين تي يوٽيليٽي اسٽورز تان رعايت ملندي. اجلاس ۾ جي 20 ڊيٽ رليف لاءِ 11 قرضن جي ادائگي ۾ دير بابت معاهدن جي منظوري به ڏني.










