ڪيٽي بندر جي مهاڻن دنيا جي مهانگي مڇي پڪڙي ورتي

ڪيٽي بندر جي مهاڻن دنيا جي مهانگي مڇي پڪڙي ورتي

ٺٽو( رپورٽ جاويد لطيف ميمڻ)ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ مھاڻن دنيا جي ناياب ۽ مهانگي مڇي سووا  Sowa پڪڙي ورتي. عام زبان مهاڻا ان کي سوھا مڇيبه سڏين ٿا. هن مڇي جو وزن وڌيڪ هوندو آهي ۽ في داڻو مزن جي لحاظ کان 40 کان 90 لک ۾ به وڪرو ٿيندو آهي. هن مڇي جو گوشت يورپ ۽ چين ۾ جتي بيحد مقبول آهي ته ٻئي پاسي هن مڇي جي ڪجهه عضوون مان ميديڪل ۾ استعمال ٿيندڙ شيون به تيار ٿينديون آهن  جن مان ماهرن موجب مڇي جو ڦونٽو مختلف بيمارين ۽ آپريشنز ۾ استعمال ٿيندڙ اسٽچنگ ٿريڊ يعني زخم کي ٽاڪا هڻڻ وارو ڌاڳو به ٺهندو آهي. جيڪو سرجري ٿيڻ کانپوء انساني جسم ۾ گوشت جيان پگهري جذب ٿي وڃي ٿو. ماھيگيرن مطابق هي مڇي سمنڊ جي تهه ۾ رهندي آهي ۽ بريڊنگ جي لاءِ مٿاڇري تي ايندي آهي. هص مڇي يورپ جي سيباس يعني سمنڊ جي باس طور به سڇاتي ويندي آهي. سلور ڪلر جي هن مڇي جو منهن هيڊو ٿئي ٿو. جون 2021 ۾ گوادر لڳ جيواڻي جي ناکوا وحيد بلوچ جي اڳواڻي ۾ ويل شڪاري پارٽي 48 ڪلو وزني اينتلانٽڪ ڪروڪر فش پڪڙي هئي جنهن جي ٻولي 86 لک لڳي هئي پر بعد ۾ ڇڏ ڇڏان بعد کين 72 لک روپين جو معاوضو مليو هو. هن مڇي جا مختلف علائقن ۾ مختلف نالا آهن.   

پهنجو تبصرو موڪليو