حيدرآباد (ن سنڌيار) سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر سڀاني ڏاهري, جنرل سيڪريٽري زرقا هاليپوٽو ۽ پريس سيڪريٽري سنڌو ملاح پنهنجي گڏيل بيان ۾ چيو آهي ته سکر جي ڪچي جي ڳوٺ ڪالو قادراڻي ۾ سردارن جرڳي ۾ ٻن معصوم نياڻين کي سڱ چٽي ۾ ڏنو پر سنڌ سرڪار انهن وحشي سردارن خلاف قانوني ڪاروائي نه ڪري سنڌ جي نياڻين سان غلامي کان بدتر سلوڪ کي نئين سر جيئاريو آهي. هنن ان واقعي جي مذمت ڪندي ذميوارن خلاف فوري ڪاروائي جو مطالبو ڪيو. اڳواڻن وڌيڪ چيو آهي ته هن 21هين صدي ۾ به سنڌ جي نياڻين سان ايڏي ناانصافي ۽ بدسلوڪي ٿي رهي آهي. سنڌ جي نياڻين کي غلامن جيان وڪرو ڪري ۽ سڱ چٽين ۾ ڏيڻ جا فيصلا ڪندڙ سردارن ۽ جاگيردارن جي سنڌ سرڪار سرپرستي ڪري رهي آهي.










