هالا(ن سنڌيار) سينئر سياستدان مخدوم خليق الزمان ڪافي عرصو بيمار رهڻ بعد ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ 73 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. مرحوم مخدوم طالب المولي جو پٽ، مخدوم امين فهيم جو ڀاءُ، شهيد بينظير ڀٽو ۽ مير مرتضي ڀٽو جو ويجهو ساٿي هو. مخدوم خليق الزمان 13 فيبروري 1949 ۾ هالا ۾ پيدا ٿيو. هو 1977 ۾ سنڌ اسيمبلي جو ميمبر، 1988 ۾ قومي اسمبلي جو ميمبر ۽ 1991 ۾ سينيٽر رهيو. بعد ۾ جڏهن مير مرتضيٰ ڀٽو جلا وطني ختم ڪري وطن موٽيو ته مخدوم خليق الزمان بينظير ڀٽو کان راهون جدا ڪري مير جو ساٿ ڏنو. ٻئي پاسي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ پاران مخدوم خليق الزمان جي لاڏاڻي تي گھري ڏک جو اظھار ڪيو آھي، وڏي وزير سيد مراد علي شاھ جو چوڻ آھي تھ مخدوم خليق الزمان محترما جو ساٿي ۽ پ پ جو اھم اڳواڻ ھو، وڏي وزير چيو تھ مخدوم خليق الزمان جي خدمتن کي ھميشا ياد رکيو ويندو، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پڻ سينيئر سياستدان مخدوم خليق الزمان جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظھار ڪيو آھي، بلاول ڀٽو جو چوڻ آھي تھ مخدوم خليق الزمان جنرل ضياءَ جي آمريت خلاف پ پ جي پليٽ فارم تان ناقابل فراموش ڪردار ادا ڪيو، سيد ناصر شاهه، ڄام اڪرام، قاسم نويد، سردار شاهه، اويس شاهه، جماعت اسلامي جي اڳواڻڻ لياقت بلوچ، مولانا اسد الله ڀٽو ۽ محمد حسين محنتي به گهري ڏک جو اظهار ڪندي سندس مغفرت جي دعا ڪئي آهي.










