سنڌ ۾ مڪاني چونڊون مئي جي آخر ۾ ٿينديون

سنڌ ۾ مڪاني چونڊون مئي جي آخر ۾ ٿينديون

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن سنڌ صوبي ۾ مڪاني ادارن جي چونڊن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي ۽ صوبي ۾ مڪاني چونڊون مئي 2022ع ۾ ٿينديون. اليڪشن ڪميشن جو اهم اجلاس اڄ چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي صدارت هيٺ ٿيو، اجلاس ۾ اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن، سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن، چيف سيڪريٽري سنڌ، سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ سنڌ ۽ اليڪشن ڪميشن جي ٻين عملدارن شرڪت ڪئي. اليڪشن ڪميشن کي تفصيل ڏيندي سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن چيو ته سنڌ ۾ تڪ بنديون 24 مارچ 2022ع تي نوٽيفاءِ ٿينديون. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن سيڪشن (3) 219 تحت چيف سيڪريٽري سنڌ کي سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جي تاريخ مقرر ڪرڻ جي دعوت ڏني آهي. چيف سيڪريٽري سنڌ تجويز ڏني ته سنڌ ۾ چونڊون ٻن مرحلن ۾ ڪرايون وڃن. اليڪشن ڪميشن ۽ چيف سيڪريٽري سان صلاح مشوري کانپوءِ فيصلو ڪيو ويو ته سنڌ ۾ پهرين مرحلي جون چونڊون مئي 2022ع جي آخري هفتي ۾ ڪرايون وينديون. چيف اليڪشن ڪمشنر چيف سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته چونڊن جي پهرين مرحلي لاءِ ضلعن جا تفصيل فوري طور تي اليڪشن ڪميشن کي فراهم ڪيا وڃن ته جيئن اليڪشن ڪميشن مڪاني ادارن جي چونڊن لاءِ گهربل قدم کڻي سگهي. واضح رهي ته سنڌ ۾ مڪاني ادارن جو مدو 30 آگسٽ 2020ع تي ختم ٿي ويو هو، جنهن کانپوءِ 120 ڏينهن اندر چونڊون ڪرائڻ گهرجن پر ائين نه ٿيو. تڪبندين، نئين آدمشماري سميت مختلف سببن جي ڪري اهو معاملو مسلسل التوا جو شڪار رهيو ۽ ان دوران اليڪشن ڪميشن جي مسلسل هدايتن باوجود سنڌ حڪومت مڪاني ادارن جون چونڊون نه ڪرائي سگهي.

پهنجو تبصرو موڪليو