عالمي منڊي ۾ تيل جي قيمتن ۾ 12 سيڪڙو گهٽتائي

عالمي منڊي ۾ تيل جي قيمتن ۾ 12 سيڪڙو گهٽتائي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)گڏيل عرب امارتن (يو اي اي) اوپيڪ جي ميمبرن کان مطالبو ڪيو آهي ته هو تيل جي پيداوار ۾ واڌ ڪن ته جيئن روس جي يوڪرين تي حملي کانپوءِ ماسڪو تي لاڳو پابندين سبب رسد جي خدشن کي گهٽايو وڃي، سندس اهري بيان بعد عالمي منڊي ۾ تيل جي قيمتن ۾ 12 سيڪڙو کان وڌيڪ گهٽتائي ٿي چڪي آهي. رائٽرز جي رپورٽ موجب، عالمي سطح تي تيل جي قيمتن ۾ هر وقت جي بلند ترين سطح تي گهٽتائي ڪجهه سيڙپڪارن ۾ روسي سپلائي ۾ رڪاوٽ بابت خدشات کي گهٽائي ڇڏيو آهي، بين الاقوامي توانائي ايجنسي جو چوڻ آهي ته تيل جي ذخيرن کي وڌيڪ استعمال ڪري سگهجي ٿو. فنانشل ٽائمز موجب يو اي اي جي واشنگٽن ۾ سفير يوسف العتيبه چيو هو ته يو اي اي تيل جي پيداوار وڌائڻ جي حق ۾ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو