پوليس پاران چوري ٿيل مينهن واپس ڪرائي مالڪ حوالي

پوليس پاران چوري ٿيل مينهن واپس ڪرائي مالڪ حوالي

عادلپور(رپورٽ اسلم مھر) پوليس فوري ڪاروائي ڪري چوري ٿيل مينهن بازياب ڪرائي مالڪ کي موٽائي ڏني. گذيل رات رجب علي جي نامعلوم چور چنا محله عادلپورمان هڪ مينهن چوري ڪري ويا جنهن جورجب علي چنا عادلپورٿاڻي تي اطلاع ڏنو. اطلاع ملندي سب انسپيڪٽرمحمد اسلم چاچڙ اسٽاف ساڻ ڪري چورن جو پيڇوڪيو مبينامقابلي بعد نزد سماڌا مندر وٽان مينهن ڇڏائي اصل مالڪ رجب علي چنا جي حوالي ڪري ڇڏي مينهن واپس ملڻ تي رجب علي چنا سب انسپيڪٽرمحمداسلم چاچڙ ۽ ان جي ٽيم جو شڪريواداڪيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو