اسلام آباد(بيورو رپورٽ)حڪومت مخالف اتحاد پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته بي اعتمادي واري رٿ جلد ايندي، اڄ فيصلو ڪيو ويندو. اسلام آباد ۾ جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ خورشيد شاهه گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي. ان موقعي تي خورشيد شاهه چيو ته اڄ شام جي اجلاس ۾ سڀ ڪجهه طئي ڪيو ويندو، بي اعتمادي جي رٿ جلد اچي ويندي، فيصلو اڄ پ پ قيادت جي اجلاس ۾ ڪيو ويندو، ڪراچي کان اسلام آباد تائين عمران کي ڪڍڻ لاءِ وڏي محنت ڪئي آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته قوم کي اميدن موجب نتيجا ملندا، گڏيل ضرورتن تحت ماضي کي وسارڻو پوندو. فضل الرحمان چيو ته بدامني 48 ڪلاڪن کان اڳ ٿيندي، هي اصل عمران آهي جيڪو روڊن رستن تي بازاري ٻولي استعمال ڪري ٿو، اسان کي ڪير ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي. جي يو آءِ سربراهه وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ اڳواڻ جهانگير ترين سان منهنجو ڪوبه واسطو ناهي. تحريڪ عدم اعتماد ڪامياب ٿئي يا ناڪام، اهو هڪ سياسي عمل آهي، آئيني استحقاق آهي.










