اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان احساس پروگرام هيٺ مختلف امدادي پروگرامن جو افتتاح ڪندي چيو ته هي هڪ ڪامياب پروگرام آهي ۽ انساني درد رکندر شخص ئي هي پروگرم ٺاهي سگهي پيو. هن ثانيا نشتر جي تعريف ڪندي چيو ته هي نوڪري پيشه ماڻهو جو ڪم نه هو جو اهڙو پروگرام ترتيب ڏي ها. احساس، راشن، احساس رعايت، احساس اسڪالر شپ سميت عوامي ڀلائي جا هي پروگرام حقيقي معنيٰ ۾ عوامي فالحي رياست جا پروگرام آهن جڪي مديني جي رياست جا عڪاس آهن. عمران خان چيو ته ڪورونا سبب پوري دنيا ۾ مهانگائي وڌي آهي، معيشتن کي نقصان پتو آهي پر خدا جو شڪر آهي ته اسان ان امتحان مان بهتر نموني نڪتاسين ۽ پوري دنيا ان جي تعريف ڪئي. هن چيو ته اسين رياست مدينه جي رستي تي هلي پيا آهيون. اسين مافياز خلاف جنگ وڙهي رهيا آهيون. ورلڊ بئنڪ دنيا جي 4 وڏن پروگرامن ۾ احساس پروگرام کي شامل ڪيو آهي. جيسين اسين عورتن کي تعليم نه ڏينداسين تيسين معاشرو ترقي نه ڪري سگهندو. اسين عورتن کي وڌيڪ اسڪالر شپس ڏيون پيا. هن چيو ته ننڍڙن ٻارن جي نشو نما تي فوڪس ڪيو آهي، ٻارن جي نشو نما بهتر نه ٿيڻ سبب هنن جي ذهني ۽ جسماني نشو نما ممڪن ناهي. ماءُ ۽ ٻارن جي نشو نما جو هي پروگرام ملڪ جي سڀني ضلعن ۾ شروع ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته دنيا ۾ مهانگائي وڌي رهي آهي، اڄ گڏيل عرب امارات کان پيٽرول ۽ ڊيزل سستو آهي، هو پاڻ تيل پيدا ڪن ٿا. خدا جو شڪر آهي ته اڄ ملڪي تاريخ ۾ سڀ کان وڌڪ ٽيڪس وصول ٿي رهي آهي. هن چيوته پاڪستان جي هر شهري کي هلندڙ مهيني جي آخر تائين هيلٿ ڪارڊ فراهم ٿي ويندو، هر خاندان کي 10 لک جو هيلٿ ڪور ملندو. ملڪ ۾ دل جي ٽرانسپلانٽ جا آپريشن ٿي رهيا آهن. رعايت راشن پروگرام هيٺ 2 ڪروڙ ماڻهن کي 30 سيڪڙو رعايت ملندي.










