چيف جسٽس جي تقرري 3 سالن لاءِ هجڻ گهرجي، جسٽس منصور

چيف جسٽس جي تقرري 3 سالن لاءِ هجڻ گهرجي، جسٽس منصور

لنڊن(ويب ڊيسڪ)سپريم ڪورٽ جي جسٽس منصور علي شاهه چيو آهي ته اعليٰ عدالتن ۾ مقررين بابت نئين پاليسي جوڙي وڃي. لنڊن اسڪول آف اڪنامڪس ۾ ٻن ڏينهن واري فيوچر آف پاڪستان ڪانفرنس کي خطاب ڪندي جسٽس منصور علي شاهه چيو ته چيف جسٽس جيڪڏهن ڪجهه مهينن لاءِ ايندو ته ڪجهه نٿو ڪري سگهي، چيف جسٽس جي عهدي جو مدو 3 سال هجڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته عدليه ۾ مقرريون سليڪشن جي بنياد تي نه ٿيڻ گهرجن، اعليٰ عدليه ۾ مقررين جي پاليسي کي بحال ڪيو وڃي ۽ عورت ججن جي مقرري بابت جامع پاليسي جوڙي وڃي. سپريم ڪورٽ جي جسٽس منصور علي شاهه چيو آهي ته پاڪستان جي عدليه ڪنهن به قسم جي دٻاءُ جو شڪار ناهي، جج پنهنجن فيصلن ۾ آزاد آهن، عدالتي ڪارروائي جائز آهي پر ان کي سياست جو شڪار نه ٿيڻ گهرجي.منصور علي شاهه وڌيڪ چيو ته ازخود ڪاروائي جي اختيار جو غلط استعمال ٿي رهيو آهي، ان کي وڏي بينچن کي استعمال ڪرڻ گهرجي، سوئو موٽو بينچ ۾ گهٽ ۾ گهٽ 5 يا 7 جج هجڻ گهرجن. هن اهو به چيو ته ڪيسن جي نبيري لاءِ هڪ سال جو وقت هجڻ گهرجي ۽ ڪيسن جي فيصلي کان اڳ ثالثي جي روايت کي فروغ ڏنو وڃي. جسٽس منصور علي شاهه چيو ته 70 سالن کان عدليه ۾ ڪو به اثرائتو سڌارو ناهي آيو، ان ڪري عدليه ۾ موثر سڌارا آڻڻ جي فوري ضرورت آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو