نديم افضل چن پي ٽي آءِ ڇڏي واپس پي پي ۾ شامل

نديم افضل چن پي ٽي آءِ ڇڏي واپس پي پي ۾ شامل

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وزيراعظم عمران خان جي اڳوڻي ترجمان نديم افضل چن ٻيهر پيپلز پارٽي ۾ شموليت جو فيصلو ڪري ورتو آهي. ذريعن موجب نديم افضل چن جا پ پ سان معاملا طئي ٿي ويا آهن ۽ بلاول ڀٽو سڀاڻي نديم افضل چن سان سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته بلاول سان ملاقات کانپوءِ نديم افضل چن به لانگ مارچ ۾ شريڪ ٿيندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته نديم افضل چن پيپلز پارٽي ۾ شموليت جو اعلان سڀاڻي لاهور ۾ پيپلز پارٽي جي اجلاس ۾ ڪندو. ذريعن موجب نديم افضل چن سياسي صورتحال جو جائزو ورتو ۽ پيپلز پارٽي ۾ ٻيهر شموليت جو فيصلو ڪيو. ياد رهي ته نديم افضل چن 19 اپريل 2018 تي عمران خان سان ملاقات ۾ پي ٽي آءِ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو هو. هو پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيڻ وقت پيپلز پارٽي جو سينيئر اڳواڻ به هو پر پي ٽي آءِ جي حڪومت ٺهڻ کانپوءِ کيس وزيراعظم جو ترجمان ۽ خاص مددگار بڻايو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو