پرويز خٽڪ جي ڀاءُ جي مولانا فضل الرحمان سان ملاقات

پرويز خٽڪ جي ڀاءُ جي مولانا فضل الرحمان سان ملاقات

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)بچاءَ واري وفاقي وزير پرويز خٽڪ جي ڀاءُ ۽ خيبر پختونخواهه اسيمبلي جي ميمبر لياقت خٽڪ جي يو آءِ ف سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪئي آهي. جميعت علماءِ اسلام ف جي ترجمان موجب لياقت خٽڪ جلد پنهنجي ساٿين سميت جي يو آءِ ۾ شموليت جو اعلان ڪندو. ياد رهي ته گذريل سال فيبروري ۾ خيبرپختونخواهه جي تڪ پي ڪي 63 نوشهره جي ضمني چونڊ ۾ مسلم ليگ ن جي اميدوار اختر ولي ڪاميابي ماڻي هئي ۽ پي ٽي آءِ جي مقامي قيادت ان سيٽ تي لياقت خٽڪ تي الزام مڙهيو هو ته هن ضمني چونڊن ۾ مسلم ليگ ن جو ساٿ ڏنو هو. ان حوالي سان جيو نيوز جي پروگرام ”نئون پاڪستان“ ۾ ڳالهائيندي پي ٽي آءِ اڳواڻ شوڪت يوسفزئي چيو ته لياقت خٽڪ جي اهڙي عمل سان پرويز خٽڪ جي سياست به متاثر ٿيندي. شوڪت يوسفزئي چيو ته پي ٽي آءِ پاران لياقت خٽڪ کي سنجيده ناهي ورتو ويو، خبر ناهي لياقت خٽڪ ايترو بااثر آهي يا نه، پر اهو اسان لاءِ سبق آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو