مختلف پاڙن ۾ اسٽريٽ لائيٽس لڳڻ تي خلق خوش

مختلف پاڙن ۾ اسٽريٽ لائيٽس لڳڻ تي خلق خوش

ڪلوئي (ن سنڌيار) شهر جي مختلف پاڙن ۾ ايم پي اي ارباب لطف الله جي ڪوششن سان  ڪلوئي شهر کي روشن ڪرڻ لاءِ هڪ سئو سولر لائيٽون لڳايون ويون، جنهن ۾ کوسا محله، مين بازار، ڀيل محله لوهاڻا پاڙو گجراتي پاڙو سميت پرائمري اسڪول گلي ۽ نهڙيه محلي سميت ٻين مختلف پاڙن ۾ وڏي وزير جي خاص معاون ارباب لطف الله ۽ ارباب امير انعام الله صاحب جي پي اي روشن نهڙيو ۽ نصراللہ لشڪري جي نگراني ۾ سولر لائيٽون لڳايون ويون، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي روشن نهڙيو چيو ته وڏي وزير جي خاص معاون ارباب لطف الله صاحب جي ڪوششن سان سڄي شهر ۾ لائيٽون لڳايون آهن، ۽ اڃا به وڌيڪ ضرورت پئي ته سولر لائيٽون لڳايون وينديون.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو