عمران خان ٻن ڏينهن جي دوري تي ماسڪو پهچي ويو

عمران خان ٻن ڏينهن جي دوري تي ماسڪو پهچي ويو

اسلام آ باد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان اڄ ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي ماسڪو پهچي ويو جتي روس جي پرڏيهي وزير سندس استقبال ڪيو ۽ کيس ريڊ ڪارپيٽ ويلڪم بعد ريڊ آرمي پاران کيس گارڊ آف آنر به پيش ڪيو ويو.

PM Imran Khan was given guard of honor by red army at Moscow airport

هو ٻئي عالمي جنگ جي شهيدن جي يادگار تي گلن جي چادر چاڙهيندو. اسلامڪ سينٽر جو دورو ڪندو، روس جي مفتي سان ملاقات ڪندو. سڀاڻي هو روسي صدر ولاديمئر پيوٽن ۽ روسي وزيراعظم سان ملاقات ڪندو. ان کانسواءِ ٻنهي ملڪن ۾ واپار وڌائڻ، انرجي سميت مختلف شعبن ۾ سهڪار بابت معاهدا ڪيا ويندا. عمران خان روسي ۽ پاڪستاني سيڙپڪارن سان به ملندو. سندس وفد ۾ اهم وزير ۽ مشير به شامل آهن. عمران خان اهڙي وقت ۾ روس جو دورو ڪري رهيو آهي جڏهن روس ۽ يوڪرائين جنگ لاءِ تيار آهن. ڪالهه وزيراعظم روسي ٽي وي کي ڏنل انٽرويو ۾ چيو هو ته هو روڪرين معاملو ڳالهين زريعي حل ڪرن جي ڪوشش ڪندو. هن سان يوڪريني سفير ملاقات ڪري معاملو حل ڪرڻ ۾ مدد جي اپيل به ڪئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو