ڪراچي (رپورٽ باغي ساگر پنهوار) پوليس پاران گڏ ڪيل ڊيٽا موجب هلندڙ سال رڪارڊ 11 هزار حادثا ٿيا، 15 شهري پنهنجي جان و مال جي حفاظت ڪندي مارجي ويا جڏهن ته 80 کان وڌيڪ شهري زخمي ٿيا. اسٽريٽ ڪرائيم وڌي وڃڻ سبب وڏي وزير اڄ اعليٰ سطحي اجلاس طلب ڪري ورتو. شهر ڌاڙيلن جي بادشاهي بڻجي ويو آهي. ۽ جيڪڏهن ڪو شهري پنهنجي ملڪيت بچائڻ لاءِ ٿوري به مزاحمت ڪري ٿو ته ڌاڙيل ان کي گوليون هڻي قتل ڪرڻ کان به دير نه ڪندا آهن، جيڪڏهن توهان ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائم تي نظر وجهو ته اهو واضح ٿئي ٿو ته هتي قانون نالي ڪا شيءِ ناهي. هن سال جي پهرين واردات سپر هاءِ وي تي، ڌاڙيلن هڪ پوليس اهلڪار کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. گلشن معمار ۾ ڌاڙيلن فائرنگ ڪري دڪاندار کي قتل ڪري ڇڏيو، ڪشمير روڊ تي ڌاڙيلن گهر جي دروازي تي فائرنگ ڪري شاهه رخ کي ماءُ جي سامهون بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو. ڪلفٽن ۾ پراپرٽي ڊيلر. سچل ۾ پيٽرول پمپ تي سيڪيورٽي گارڊ. اورنگي ٽائون ۾ راڳي شهري. نارٿ ڪراچي ۾ چوڪيدار ۽ ناظم آباد ۾ سينيئر صحافي اطهر متين کي شهيد ڪيو ويو. جنهن ۾ اسٽريٽ ڪرائم جو تعلق آهي جنوري کان وٺي 11 هزار شهرين کان موبائيل فون، موٽرسائيڪلون، نقدي ڦر ڪئي وئي آهي. گاڏيون ۽ ٻيو سامان ڦر ڪيو ويو. شهرين جو چوڻ آهي ته هتي قانون نالي ڪا به شيءِ ناهي، چور جڏهن به ڪنهن جو پرس ڦر ڪرڻ چاهين ٿا ته بندوق جي زور تي سندن موبائيل فون ورتا وڃن ٿا، هنن چيو ته هتي لا اينڊ آرڊر جي ڳالهه ڪرڻ وارو ڪو به ناهي، ان ڪري هتي ڪو به لا اينڊ آرڊر ناهي. قانون نالي ڪا به شيءِ نه آهي، سمورا اختياريون مڪمل خاموش نظر اچن ٿيون، ڦرلٽ ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي، ماڻهن جو گهرن مان نڪرڻ به ناممڪن ٿي ويو آهي.










