جوهي (رپورٽ منصور گاڏھي) ڪاڇي ۾ ليشميناسز چمڙي جي بيماري تباھ مچائي ڇڏي سوين معصوم ٻارڙا مرد عورتون مبتلاء جوهي تعلقه اسپتال جي ليشمياسز سينٽر تان وئڪسين اڻلڀ مريض پريشان اعلي اختيارن کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو,خبر موجب گذريل ٽن مهينن کان جوهي تعلقي جي اندر سوين ڳوٺاڻا ليشمياسز چمڙي جي بيماري سبب متاثر صحت کاتي پاران ڪي اپاء نه ورتا ويا,ڊي جي صحت جي ٻه دفعا دورن باوجود جوهي تعلقا اسپتال جي ليشميناسز سينٽر ۾ وئڪسين ۽ دوائون اڻلڀ ڪاڇي جي شھرن واهي پاندي, حاجي خان ساوڙو, بهليل شاھ, گاجي شاھ, ڊرگھ بالا سميت پري کان آيل مريضن کي وئڪسين نه ملڻ سبب اسحاق, سلطان, منظور رودناڻي ۽ ٻين صحافين آڏو دانهيندي الزام هنيو ته گذريل ٻن ڏينهن کان ڪاڇي کان ڪرايو ڪري اچون ٿا اسپتال انتظاميا طرفان جواب ڏنو پيو وڃي ته وئڪسين اسان وٽ موجود ناهي هنن چيو ڊي جي صحت جي اباڻي ڳوٺ جي اسپتال ۾ ٻيون سهولتون ته پري جي ڳالھ وبائي صورت اختيار ڪندڙ ليشميانسز جون وئڪسين به اڻلڀ آھي, هنن چيو ته جوهي تعلقي جي ڏھ کان وڌيڪ يونين ڪائونسل لاء صرف تعلقا اسپتال جوهي ۾ واحد ليشميناسز سينٽر آھي سوين مريض قطار ۾ بيهي علاج کان بغير واپس هليا وڃن ٿا, ڊي جي صحت جي ٻه دفعا اسپتال جي دوره باوجود ڪوبه عملي ڪم نه ٿيو صرف فوٽو سيشن ڏيکاري گم ٿيو وڃن هنن چيو ته صحت کاتو به اگهور ننڊ ستل آھي ڪنهن در دانهن ڏيون معصوم ٻچڙن کي زخم ۾ تڙپندي ڏسون ٿا ڪير به دانهن ٻڌڻ وارو ناهي هتي سب ڪامورا وقت جا حڪمران گونگا ۽ ٻوڙا آھن ٻڌڻ وارو ڪير ناهي رڙيون ڪري ڪري ٿڪجي پيا آھيون هنن چيف جسٽس آف پاڪستان سميت لاڳاپيل ادارن کان مطالبو ڪندي چيو ته جوهي تعلقي اندر وڌيڪ ليشميناسز سينٽر قائم ڪري مريضن کي وئڪسين ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ صحت کاتي خلاف احتجاجي مظاهرن جو سلسلو شروع ڪيو ويندو










