اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وفاقي حڪومت اليڪشن ڪميشن جي ضابطه اخلاق ۾ اهم تبديلين جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ذريعن موجب وفاقي ڪابينا آرڊيننس ذريعي اليڪشن ڪميشن جي ضابطه اخلاق ۾ تبديلي جي به منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته سمورين سياسي پارٽين کي اليڪشن ڪميشن جي ضابطه اخلاق تي تحفظات آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته اليڪشن ڪميشن جي ضابطه اخلاق ۾ ترميم کانپوءِ وزير ۽ پارليامينٽ جا ميمبر چونڊ مهم هلائي سگهندا.










