غير قانوني واٽر هائيڊرينٽ ختم، موٽر ۽ پائيپ ضبط

غير قانوني واٽر هائيڊرينٽ ختم، موٽر ۽ پائيپ ضبط

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي واٽر بورڊ جي اينٽي ٿيفٽ سيل ڪراچي اوڀر ۾ڪارروائي ڪري غيرقانوني طور هلندڙ واٽر هائيڊرينٽ ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو. واٽر بورڊ جي ترجمان عبدالقادر شيخ جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو آهي ته مڪاني ادارن واري صوبائي وزير ۽ چيئرمين واٽر بورڊ سيد ناصر حسين شاھ ۽ ايم ڊي واٽر بورڊ انجنيئر اسدالله خان جي هدايتن تي انچارج اينٽي ٿيفٽ سيل واٽر بورڊ عبدالواحد شيخ ڪارروائي ڪندي ضلعي اوڀر ۾ غير قانوني هائيڊرنٽ ڊاھي پٽ ڪري ڇڏيو، ان موقعي تي انچارج اينٽي ٿيفٽ سيل جو چوڻ هو تہ ملزمن پاران ايوب ڳوٺ ۾ مدرسه معارف القرآن ويجهو واٽر بورڊ جي 54 انچ لائين ۾ غير قانوني هائيڊرنٽ وسيلي نيو ڪراچي ۽ نارٿ ڪراچي جو پاڻي چوري ڪري ٽينڪرز ذريعي نيو ڪراچي انڊسٽريل ايريا ۾ وڪرو ڪندا هئا اھو غير قانوني ھائيڊرنٽ ڊاهي ڪري ھيوي پمپس، جنريٽرز ۽ سوين فوٽ پائيپ ضبط ڪري لاڳاپيل ٿاڻي سهراب ڳوٺ تي جوابدارن خلاف پاڻي چوري جي نئين قانون تحت ڪيس داخل ڪرايو ويو آھي، ان موقعي تي مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ چيو تہ شھرين جي حصي جو پاڻي چوري ڪندڙن خلاف آپريشن جو دائرو وڌائي کين قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي، ٻئي طرف ايم ڊي واٽر بورڊ انجنيئر اسدالله خان جو چوڻ هو تہ جوابدار ڪنهن بہ رعايت جا مستحق نه آهن، کين قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي سندن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو