چين پاران هاءِ اسپيڊ ڊيٽا ٽرانسفر جو تجربو ڪامياب

چين پاران هاءِ اسپيڊ ڊيٽا ٽرانسفر جو تجربو ڪامياب

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)دنيا ۾ اڃا ففٿ جنريشن ٽيڪنالوجي به عام ناهي ٿي ته چين 6 جي جا تجربا شروع ڪري ڇڏيا آهن. فائيو جي م چين، آمريڪا ۽ ڪوريا سڀني کان اڳتي آهن. چيني محققن جو چوڻ آهي ته اهي سياري جي اولمپڪس دوران هنن هڪ انقلابي ٽيڪنالاجي استعمال ڪئي آهي ۽ رڪارڊ ڊيٽا اسٽريمنگ اسپيڊ حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن، جنهن جي مدد سان چين موبائل انٽرنيٽ يا 6G عالمي ريس جي نئين نسل جي اڳواڻي ڪندو. ان مقصد لاءِ، هنن ورٽيڪس مليميٽر لهرن کي استعمال ڪيو، جيڪي تمام گهڻي فريڪوئنسي ريڊيو لهرون آهن، جن انهن کي هڪ سيڪنڊ ۾ هڪ ڪلوميٽر جي ايراضيءَ تي هڪ ٽي بي ڊيٽا منتقل ڪرڻ جي قابل بڻايو. بيجنگ جي سنگوا Tsinghuaيونيورسٽي جي ماهرن جو چوڻ آهي ته تجرباتي وائرليس ڪميونيڪيشن لائين جنوري 2022 ۾ ونٽر اولمپڪس ڪمپائونڊ ۾ نصب ڪئي وئي هئي، جنهن سان 10,000 هزار کان وڌيڪ HD لائيو وڊيوز کي هڪ ئي وقت کيڏڻ جي اجازت ڏني وئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو