ڪراچي(ويب ڊيسڪ) لياري جي هڪ پسمانده پاڙي ۾ پلجڻ واري باصلاحيت ريپر ايوا بي ملڪ جي مشهور نوجوان ريپ اسٽار بڻجي وئي. جڏهن لياري گولين، ڌماڪن ۽ بارود جي بوءَ سان سڃاتو ويندو هو ۽ اتي تشدد، بدمعاشي ۽ منشيات جو استعمال عام هو، تڏهن هن بنجر زمين ۾ موسيقيءَ جو ٻج چند جنوني ڇوڪرين پوکيو ۽ اهو اڄ هڪ وڏو وڻ ٿي ويو آهي. گروپ جي سربراهه ايوا بي جو چوڻ آهي ته لياري رڳو بدمعاشي نه پر پنهنجي فٽبالرز، فنڪارن ۽ موسيقارن لاءِ به مشهور آهي، ”بدقسمتي سان تشدد اسان جي سڃاڻپ بڻجي ويو آهي،“ ريپر ايوا بي مسلسل نقاب پائيندي آهي ۽ اهو چوڻ غلط نه هوندو ته هن جي ڪا به پرفارمنس نقاب کان سواءِ ناهي. سندس چوڻ آهي ته هنجي ڀاءُ کيس چيو هو ته جيڪڏهن گانو ڳائڻو آهي ته نقاب پائڻو پوندو ۽ هاڻي برقعو سندس زندگي جو حصو بڻجي ويو آهي ۽ برقعو منهنجي ٽيلينٽ لاءِ رڪاوٽ ناهي پر سڃاڻپ بڻجي ويو آهي. هن ڪوڪ اسٽوڊيو ۾ به ڳايو ۽ سندس گانو 90 لک ڀيرا کان مٿي ڏٺو ويو آهي.










