اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته سموريون اتحادي پارٽيون اسان سان گڏ آهن، مخالف ڌر ڪڏهن به عدم اعتماد واري رٿ کي ڪامياب نه ڪري سگهندي. فواد چوڌري قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اسد قيصر ۽ فواد چوڌري وچ ۾ ملاقات ۾ قومي اسيمبلي جي ايندڙ اجلاس بابت اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
ان موقعي تي فواد چوڌري جو چوڻ هو ته هو اپوزيشن جي بي اعتمادي واري رٿ جو جواب آئيني طريقي سان ڏيندا، مخالف ڌر ڪڏهن به عدم اعتماد واري رٿ کي ڪامياب نه ٿيڻ ڏيندي. وفاقي وزير چيو ته سمورا اتحادي اسان سان گڏ آهن ۽ پي ٽي آءِ جي قيادت تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪريون ٿا، اسان اپوزيشن جي بي اعتمادي واري رٿ جو دفاع ڪرڻ جي ڀرپور صلاحيت رکون ٿا. حڪومت مخالف اتحاد تي تنقيد ڪندي فواد چوڌري چيو ته پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) پنهنجي صفن ۾ متحد ناهي رهي.










