نواب ولي محمد (ن سنڌيار)ڪچي جي ديھ ٻنڀائي ۾ مختلف برادرين جي ماڻهن جي زمينن تي بااثر زرداري برادري جي ڌر جي ماڻهن پاران پوليس جي مدد سان زمينن ۾ ڪاهيل سرنهن جو فصل لڻڻ تان مقامي ماڻهن وچ ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي، جنھن ۾ ڀنڊ برادري جا چار ماڻهو ٿڏي تي فوت 8 ماڻهو سخت زخمي ٿي پيا.

زخمين ۾ امين ڀنڊ ديدار سنگراھ، اختر ڀنڊ، گلشير ڀنڊ قربان ڀنڊ، خام حسين سنگراھ، قادر بخش خام حسين ڀنڊ شامل آهن زمين تي مارجي ويلن ۾ معشوق ڀنڊ اياز ڀنڊ ٽوھ ڀنڊ قربان ڀنڊ اڪمل ڀنڊ ۽ ايس ايڇ او عبدالحميد کوسو فائرنگ دوران شھيد ٿي ويا. زخمي ۽ لاش قاضي احمد اسپتال منتقل ھوڏانهن زخمين ۽ لاش کڻي پھتل ڀنڊ برادري جي ماڻهن کي قاضي احمد پوليس گرفتار ڪرڻ جا اطلاع آهن ڀنڊ برادري جي ماڻهن جو چوڻ آهي ته اسان ھٿين خالي ڪورٽ جو ليٽر کڻي ويا سين جنهن ۾ 24تاريخ تائين ڪو به فصل لڻڻ جو آڊر نه آهي ان تان اسان جي مٿان سڌي فائرنگ ڪئي وئي جنهن ۾ اسان جا ڳڀرو جوان شهيد ڪيا ويا. ياد رهي ته زرداري ڌر جي ماڻهن اها زمين خريد ڪئي آهي، جنهن جو جرڳو به ٿيو هو ۽ ٻنهي ڌرين کي 2 مهينن تائين اڳرائي نه ڪرڻ جو پابند بنايو ويو هو.











