اسلام آباد(بيورو رپورٽ) شماريات بيورو جي هفتيوار رپورٽ موجب 16 ضروري کاڌي پيتي جي شين جي اگهن ۾ واڌ ۽ 14 شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جڏهن ته 21 شين جي قيمتنون ساڳيون رهيون. رپورٽ موجب زنده مرغي جو اگهه هڪ هفتي دوران 11.49 رپيا في ڪلوگرام جي واڌ سان 214.88 رپيا في ڪلو ٿي ويو، جڏهن ته ٿوم يعني لهسن جو اگهه 23.29 رپيا مهانگو ٿي 354.82 رپيا في ڪلو ٿي ويو. رپورٽ موجب هڪ هفتي دوران سرنهن جي تيل جي قيمت ۾ 3 رپيا 84 پئسا في ڪلو ۽ گيهه جي قيمت ۾ 3 رپيا 84 پئسا في ڪلو واڌ ٿي وئي. تازو هفتي ۾مٽن جي قيمت ۾ 5 روپيا 13 پيسا في ڪلواضافو ڏٺو ويو آهي. صابڻ. ڪيلا، لوڻ ۽ چانور به مهانگا ٿيا. ان کان علاوه آلو 11 رپيا في ڪلو ۽ بصر 1 رپيا في ڪلو سستو ٿي ويو، جڏهن ته انڊا 3 رپيا 39 پئسا في درجن سستا ٿي ويا. دال چڻا، دال مسور، دال ماش ۽ اٽو به سستو ٿيو. هفتي دوران کنڊ هڪ رپيو 29 پئسا في ڪلو ۽ گهريلو ايل پي جي سلينڊر 35 رپيا 32 پئسا سستو ٿي ويو. رپورٽ موجب هفتيوار مهانگائي 18.47 سيڪڙو تائين وڌي وئي جيڪا گهٽ آمدني وارن لاءِ 20.25 سيڪڙو مهانگائي ۾ واڌ رڪارد ڪئي وئي.










