ليکڪ احمد رضا عطاريملڪ ۾ مهانگائيءَ جي وڌندڙ طوفان هرهڪ ماڻهوءَ جي زندگي زهر بڻائي ڇڏي آهي، کنڊ، پئٽرول، تيل، گيهه، سبزين، ٽي، چانورن سميت هرهڪ روزمرهه جي استعمال ۾ ايندڙ شين جا اگهه قيمتون ايتريون ته وڌايون ويون آهن جو عام ماڻهوءَ جي پهچ کان تمام گهڻو پري نڪري ويون آهن، عام ماڻهو ٻه ويلا ماني کائڻ لاءِ شديد پريشاني کي منهن ڏيئي رهيو آهي نه صرف اهو بلڪ عام ماڻهو ذهني اذيت جو شڪار آهي ته اسان جو ته خير آهي پر جيڪي معصوم ٻارڙا اولاد بک افلاس سبب خالي ديڳڙيءَ کي ڏسندي ڏسندي روئيندي ليلائيندي جيجل امڙ ننڊ ڪرائي ٿي وري ساڳئي طرح صبح کان شام ۽ رات تائين بک جي احساس ۾ معصوم ٻارڙا خالي ديڳڙيءَ ڏانهن واجهائيندا رهجي وڃن ٿا ته آخر اها رڌ پچاءَ جي ديڳڙي ڪڏهن چلهه تان لهندي ۽ اسان کاڌو کائينداسين، انتظار ۾ صبح شام ۽ رات گذري وڃي ٿي پر نه کٽندڙ انتظار ختم نٿو ٿئي ڇاڪاڻ ته جيڪو مزدور پوري ڏهاڙي مزدوري ڪري شام جو صرف 500 رپيا وٺي گهر موٽي ٿو ته مهانگائيءَ جو راڪاس انهيءَ جو رستو روڪيندي دڪاندار وٽ وات پٽي بيٺي آهي ۽ مزدور جي مزدوري جا پئسا اٽي وٺڻ بعد گيهه ، لوڻ ، مرچ، سبزي، کنڊ ، کير وغيرهه وٺڻ تي مٿي تي هٿ رکي هاءِ گهوڙا ڪرڻ لڳي ٿو ته هيءَ ڪهڙي مهانگائي آهي جو وقت جا حڪمران آءِ ايم ايف جي ڊڪٽيشن تي عوام جو رت چوسي رهيا آهن ۽ وري مٿان چيو وڃي ٿو ته ڪا ڳالهه ناهي گهٻرائڻو ناهي، موت ته اچڻو آهي گهٻرائڻو ناهي، اهڙي ڪم عقل حڪومت حڪمراني کان بهتت آهي ته فوري طور تي حڪمران رستا خالي ڪن ۽ ملڪ جي عوام کي ڪنهن بهتر رستي تي هلائڻ ڏنو وڃي، هر طرف مخالف ڌر وارن جا سخت لانگ مارچ، احتجاجي ڌرڻا، احتجاجي ريليون برپا ٿي چڪيون آهن. عوام ۾ اذيت سان زندگي گذارڻ تي مجبور بڻايو ويو آهي ڪا به عوام کي سهولت ميسر ناهي، هر طرف رڙيون راڙا، واويلا هاءِ گهوڙا لڳي پئي آهي، مصنوعي ۽ حادڌثاتي طور تي آيل حڪمران پنهنجي اقتدار کي ڊيگهه ڏيڻ لاءِ نت نوان عوام دشمن فارمولا ايجاد ڪري ويتر عوام کي مشڪلاتن ۾ ڌڪي رهيا آهن. انهيءَ ڪري هيءُ مسئو نه رڳو تحريڪ لبيڪ پاڪستان ،نواز ليگ ، پيپلز پارٽي، جمعيت علماءِ پاڪستان جو مسئلو ناهي پر سموري قوم انتهائي اذيت ڀري مرحلي مان گذري رهي آهي ۽ سڀني جي راءِ يا تجويز نه بلڪ زوردار شديد طور تي مطالبو آهي ته خدارا عوام جي مٿان رحم ڪندي وفاقي حڪومت فوري طور تي استعيفا ڏيندي نئين اليڪشن جو اعلان ڪيو وڃي نه ته سياري جي موسم اچڻ سان جماعت اسلامي کان ٽي پي ايل تائين ۽ پي ڊي ايم سميت ملڪ جون سموريون پارٽيون جماعتون الرٽ بڻيل آهن ۽ اسلام آباد ڏانهن راهي ٿيڻ لاءِ اعلان ڪري چڪيون آهن. مخالف ڌر جي لانگ مارچ شروع ٿيڻ ۽ دما دم مست قلندر ٿيڻ کان اڳ حڪومت کي هٿيار ڦٽا ڪرڻ گهرجن، انهي سلسلي ۾ مخالفن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم عمران خان جي استعيفا ڏي ته پوءِ هن سليڪٽيڊ حڪومت مان نجات حاصل ٿي سگهي ٿي ڇاڪاڻ ته ملڪ ۾ شديد مهانگائيءَ عوام جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي ماڻهو ٻه ويلا ماني نٿا کائي سگهن اهڙي مهانگائي عوام کي ذهني مريض بڻائي ڇڏيو آهي، کنڊ، پئٽرول، بجلي، گيس، روزمرهه جي استعمال جون شيون آسمان سان ڳالهائڻ لڳيون آهن، سبزيون، اٽو، گيهه، کنڊ، تيل سميت هر شيءِ جون قيمتون پرائيس مانيٽرنگ ڪنٽرول نه هجڻ ڪري جنهن کي جيئن وڻي ٿو اهو پنهنجا اگهه قيمتون وٺي رهيو آهي، جنهن لاءِ ئي سنڌ هاءِ ڪورٽ به چوي ٿي ته جڏهن ايمبولينس کاڌو فلاحي تنظيم سيلاني ويلفيئر ٽرسٽ جو سربراهه مولانا بشير فاروقي غريبن کي ڏيئي رهيو آهي ته باقي حڪومت ڇا پئي ڪري، مخالف ڌر وارن جو چوڻ آهي ته هاڻي حڪومت سان ڳالهيون نه ٿينديون جيڪڏهن حڪومت پاران استعيفائون ۽ اسيمبلي ٽوڙڻ جو اعلان سامهون آيو ته پوءِ پي ڊي ايم ڪو فيصلو ڪري سگهي ٿي، جڏهن پي ڊي ايم پنهنجن ڪارڪن ورڪرن کي لانگ مارچ جي تياري ڪرڻ لاءِ چئي ڇڏيو آهي، پ پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ آهي ته هاڻي ڳالهين جو وقت گذري ويو آهي هاڻي عمران خان جي استعيفيٰ جو وقت آهي، عوام جي عدالت ۾ وڃي چڪا آهيون ، سليڪٽيڊ ۽ سليڪٽرز کي پٺتي وڃڻو پوندو، حڪومت مخالفن کي دشمنن جيان رويو نه رکي، اسان به ملڪ جا شهري آهيون، جيڪڏهن ملڪ جي باشعور عوام کي آزمايو ويو ته پوءِ هي حادثاتي حڪومت نه بچي سگهندي، تنهن ڪري جيترو جلد ٿي سگهي پي ٽي آءِ جي حڪومت عوام جي جند ڇڏي ڇاڪاڻ ته غريب عوام مفلسي، تنگدستي، افلاس ۽ غربت مان تنگ ٿي چڪو آهي، مهانگائي ماڻهن جون متيون منجهائي ڇڏيون آهن، ملڪ ۾ جڏهن کان پاڪستان تحريڪ انصاف ( پي ٽي آءَ ) جي وفاقي حڪومت اقتدار ۾ آئي آهي تڏهن کان ڄڻ ته پوري ملڪ اندر مهانگائيءَ جو راڪاس اچي ويو آهي، روز مرهه جي استعمال وارين شين جا اگهه قيمتون ائين وڌي رهيا آهن جيئن هيٺائين تي مينهن جو پاڻي ڪاهي پيو هجي، ڪير به مهانگائي ڪندڙ مافيائون، ٽولن گروپن کي مات ڏيڻ لاءِ ڪو عملي قدم نٿو کڻي پر رڳو حوال حڪومتي ڌرين کان ٻڌڻ ۾ ايندا رهن ٿا باقي عملي طرح انهن مافيائون خلاف ڪو به ايڪشن ڪاروائي ڪرڻ وارو قدم نظر نٿو اچي جيڪڏهن ائين ئي اهڙي افعالين واري حڪومت رهي ته پوءِ يقينن نه رڳو هيءُ مخالف ڌر جي جلسن وارا ميڙاڪا حڪومت لاءِ جاري و ساري رهندا پر انهي سان گڏ ئي پنهنجي ملڪ جو اڪثر عوام به انهن مخالف ڌر پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ سان گڏجي ميدان عمل ۾ نڪري پوندو، ڇاڪاڻ ته هن ملڪ ۾ اڪثر عوام غريب روزمرهه ڪمائيندڙ ۽ کائيندڙ آهي، عوام کي حڪمرانن جا خواب ڏيکاريندڙ وڏا وڏا محل نه کپن پر عوام کي روزمرهه جي استعمال ۾ ايندڙ شين سبزيون، اٽو، گيهه، تيل، کاڌ خوراڪ جي قيمتن ۾ ڪمي سبسڊي گهرجي، ملڪ جو اڪثر عوام انهي ڳالهه ۾ دلچسپي نٿو رکي ته ڪهڙي حڪومت اچي ٿي يا ڪهڙي وڃي ٿي، پر عوام انهي ڳالهه ۾ ضروري دلچسپي رکي ٿو ته ڪهڙي حڪمران ڪهڙين شيون ۾ سبسڊي ڏني آهي ڪهڙيون روزمره جي استعمال وارين شين ۾ ڪيتريون سستيون ٿيون آهن ۽ اڳ ۾ ريل، بس، ڪوچ، ويگن، چنگچي رڪشا وغيرهه جو ڪرايو ڇا هيو ۽ هاڻي ڇا آهي، اڳ ۾ 2018ع ۾ کنڊ 45 يا 50 رپيا ڪلو ملندي هئي اها هاڻي 150 کان 170 تي ڪلو ڪئي وئي آهي، ڪڻڪ جو اٽو 35 رپيا هيا هاڻي اهو اٽو 80 رپيا ٿي ويو آهي، اڳ ۾ ٽماٽا 50 رپيا ڪلو هيا هاڻي 200 کان مٿي وڪرو ٿي رهيا آهن، اهڙي طرح مرچ مصالحا، کنڊ، کير، گيهه ، تيل سميت سمورين شين جا اگهه وڃي آسمان سان لڳا آهن ۽ سنڌ جا ادارا پي آءِ اي، اسٽيل مل، بندر گاهه جي ڪمائي سميت سموريون سنڌ جي ناڻي جي ڪمائي جا ذريعا وفاق حوالي ڪرڻ سراسر سنڌ سان ويساهه گهاتي آهي، جڏهن اهڙي صورتحال رهي ۽ وري وڏي بدقسمتي سان سنڌ جي پڙهيل لکيل تعليم يافته نوجوانن جي روزگار جا وسيلا بند ڪرڻ ۽ پرڏيهي ملڪن ۾ به سنڌ جي ڪوٽا تي ڌاڙو لڳي ته پوءِ سنڌ جي نوجوانن جو مستقبل داءَ تي لڳل آهي، اهڙي پريشان ڪن حالت ۾ ضرور وفاق کي انهي ڳالهه تي زور نه ڏيڻ گهرجي ته سنڌ جا معدني وسيلا ڏنگي ۽ ڀنڊار ٻيٽ وفاق پنهنجي حُالي ڪري وڌيڪ سنڌ جي سڃ ۾ رهيو ڪهيو مال به هڙپ ڪري سنڌ جي ڀينگ ڪري رهيو آهي، سنڌ جي وسيلن جي لتاڙ ٿيڻ تي پنهنجي صوبائي حڪومت کي جيڪو مزاحمت وارو ڪردار ادا ڪرڻ گهربو هيو سو انهن ادا نه ڪيو آهي ويتر وات پٽي ها ۾ ها ملائي حامي ڀري معاهدد ڪري رهي ڪهي ڪسر پوري ڪري ڇڏي آهي، هاڻي پي ڊي ايم جيڪا حڪومت خلاف احتجاجي جلسن جلوسن ۽ پوءِ لانگ مارچ واري جدوجهد ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي اهو عمل يقينن تڏهن ئي ڪامياب ٿي سگهي ٿو جڏهن مڪمل مخالف ڌر وارا مڙسي ڪري پنهنجن قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي سيٽن تان استعيفائون ڏين ٿا، ڇاڪاڻ ته جڏهن هن انڌي، ٻوڙي ۽ گونگي حڪومت کي هڪ ڌڪو ڏيڻ لاءِ جمهوريت قائد شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي انهي نعري “ گرتي هوئي ديوار ڪو ايڪ ڌڪا اور دو” واري فلسفي تي عمل نه ٿيندو تيستائين هن ڪٽر ،نود ۽ سيکڙاٽ حڪومتي ڍانچي جو خاتمو ممڪن ناهي، پي ٽي آءِ وٽ وڻ وڻ جي ڪاٺي حڪومت اچي جوڙي آهي، جيڪا روز نوان تجربا حڪومتي سطح تي ڪري پوري ملڪ جي عوام جي ڀينگ ڪري ڇڏي آهي، ٻڌايو وڃي ته هن حڪومت ڪهڙي شعبي ۾ ترقي ڪري عوام ۾ عزت ڪمائي آهي؟ ، هتي روز روز وڏا حڪومتي ليول تي عوام دشمن منصوبن تي اعلان ٿيندا رهن ٿا، هن حڪومت ۾ ڪو به ٻڌائي ته ٻن سالن جي عرصي دوران ڪهڙا عوام جي خير خواهي جا بهترين قدم کنيا ويا آهن؟، بيروزگار نوڪرين لاءِ شديد پريشان آهن وفاقي حڪومت ۾ روزگار ڏيڻ بجاءِ ويتر ريڊيو پاڪستان مان ڪانٽريڪٽ ڊيلي ويجز سميت ٻين ملازمن ۾ سئي گيس، پي آءِ اي، اسٽيل مل ۽ ٻين وفاقي ادارن مان سنڌ جا ماڻهو لاٿا ويا آهن جنهن ڪري سنڌ جي اندر بيرزگاري جي باهه ڀڙڪي رهي پئي آهي ، اهي وفاقي ادارن مان لاٿل نوجوان ڪنهن در دانهن ڏين ؟، انهن جي لاءِ صوابي حڪومت به ڪو آواز نٿي اٿاري ۽ پنهنجن صوبائي کاتن ۾ به انهن کي نٿي رکي انهن جي بيروزگاري ختم ڪري روزگار سان لڳائي پريشاني دور ڪري سگهي، ڪوئيٽا، پشاور ۽ ملتان کانپوءِ پي ڊي ايم پنجاب جي گادي واري شهر لاهور ۾ عوامي قوت جو ڀرپور مظاهرو ڪيو، مخالف ڌر جو لاهور مرڪز آهي ۽ ملڪي سياست ۾ لاهور وارن جلسن جو وڏو عمل دخل ٿئي ٿو،بلوچستان ۾ قومپرست اڳواڻ اختر جان مينگل، محمود اچڪزئي ۽ ٻيا وفاقي حڪومت جي مخالفت ۾ نروار ٿي بيٺا ۽ لاهور ۾ ٿيندڙ جلسي کي ڪامياب ڪرايو ويو جنهن کان پوءِ حڪومت تمام گهڻي خوفزدهه آهي ۽ وفاقي وزير شبلي بيان ڏيئي رهيو آهي ته پشاور ۽ ملتان ۾ مخالف ڌر وارن جلسن کان پوءِ انهن شهرن ۾ ڪرونا جا ڪيس وڌيا آهن، لاهور ۾ مخالف ڌر وارن جون يارهن جماعتون گڏيون پرانهن جو پوءِ به جلسو نه پر جلسڙي نظر آئي ۽ پنج هزار ماڻهو به شريڪ نه ٿي سگهيا سڀئي ڪرسيون خالي پيون هيون،مخالف ڌر جي جلسن کانپوءِ موجودهه پي ٽي آءِ جي حڪومت ڀاڙي ٿي پئي آهي جيڪڏهن اهڙي طرح پي ڊي ايم پنهنجا احتجاجي جلسا ڪرڻ سان گڏوگڏ ئي پنهنجون مرحلي وائز استعيفائون ڏيڻ شروع ڪيون ته پوءِ سمجهو ته هن حڪومت جا آخري پساهه آهن، رڳو جلسن جلوسن تي نه ڀاڙيو وڃي ته بهتر ٿيندو. هونئن به ڏاهن جو چوڻ آهي ته ڪنهن شيءِ کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪنهن شيءِ کي عارضي طور تي وڃائڻو به پوندو آهي. اهڙين حالتن ۾ ملڪ جو عوام ويتر انتهائي شديد مسئلن ۽ مشڪلاتن جو شڪار ٿي ويو آهي وفاقي حڪومت ته سواءِ مڪاري، فريب ۽ ٺڳي کان سواءِ ڪجهه ناهي ڪيو جيڪڏهن هاڻي به وفاقي حڪومت عوام لاءِ ڪجهه نه ڪيو ته پوءِ انهي جو نالو نشان هميشه جي لاءِ ختم ٿي ويندو، انهن سڀني جو مقصد ساڳيو عوام کي خوشحال ترقي ڏيارڻ لاءِ ڪوششون آهن. جيڪڏهن ائين ئي عوام جي ساٿ ۾ يقين رکيو ويو ته پوءِ عوام به انهن حڪمرانن مٿان گهور ويندو جيڪي انهن سان ٻانهن ٻيلي بڻجي ڏک سک ۾ رهن ٿا ۽ بيروزگارن کي روزگار ڏيئي نوڪرين سان لڳائين ٿا، هاڻي هتي آسرن، ڏٽن، دلاسن بجاءِ عملي عوامي خدمت جي ضرورت آهي جنهن لاءِ حڪمران عوام جي ڏکن، سورن ۽ مجموعي بنيادي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪوششون ورتيون وڃن. نه ته پوءِ لڳي ٿو ته هن ملڪ ۾ واقعي دما دم مست قلندر ٿيڻو وارو آهي. جنهن جا مڪمل ذميوار وفاقي حڪومت جا گڏا رهندا، جيڪي پنهنجي حڪومت جي زيرو رڪارڊ ۽ ڪارڪردگيءَ تي پنهنجو پاڻ هن اهڙي حڪومت مان هٿ ڪڍن ته بهتر رهندو باقي رڳو مين هون نه وارو چڪر رهيو ته هن ملڪ کي ويتر گهڻو ڪجهه اڃان وڌيڪ ڀوڳڻو پوندو. جنهن جا سمورا برا اثرات غريب عوام مڊل ڪلاس طبقي مٿان پوندا، انهي لاءِ ٻه سال حڪومت پي ٽي آءِ ڪئي جنهن جي رپورٽ ڪارڪردگي زيرو برابر زيرو آهي ته پوءِ سيٽ خالي ڪري ڪنهن تجربه ڪار حڪمران کي اها ڏيئي ملڪ کي وڌيڪ ڏيوالپڻ ٿيڻ کان بچايو وڃي. ملڪ معاشي طور تي خوفناڪ صورتحال ڏانهن ڌڪيو پيو وڃي. ملڪي تاريخ ۾ ڪڏهن به نيشنل بئنڪ آف پاڪستان مان ماهوار ملازمن جون پگهارون پهرين تي نه رڪيون پر هن ڀيري پهرين نومبر کان پنجين نومبر 2021ع تائين تقريبن پنجن ڏينهن تائين بلڪ اڃان تائين ڪن شاخن ۾ ملازمن کي پگهارون نه ملي سگهيون آهن ڀلي پوءِ انهي عمل کي سائبر ايشو يا ڪو ٻيو حملو ايشو جو نالو ڏين پر نااهلي ضرور آهي، وڏي بيڊ لڪ ۽ وڏي بدقسمتي آهي ته سرڪاري ملازم پنهنجن پگهارن لاءِ دربدر رليندا وتن ٻين مامرن کان هن نوبت تي ڳالهه پهچي ته سمجهو اها نااهلي ۽ بدانتظامي جي حد ٿي وئي آهي، عوام ڪا به ڳالهه نٿو ڄاڻي ۽ سمجهڻ گهري بس مهانگائي کي ڪهڙي به طرح گهٽ ڪري انهي کي عملي طرح بنجو ڏيڻ لاءِ عملي قدم کنيا وڃن جيئن غريب عوام سک جو سهه کڻي سگهي.










