ڪراچي (ويب ڊيسڪ)باليوڊ ڪنگ شاھ رخ خان جي پٽ آريان خان چرس پيئڻ جو اعتراف ڪيو آھي. ممبئي جي سمنڊ تي ھڪ ڪروز شپ تي ٿيندڙ پارٽي ۾ منشيات واپرائڻ جو اعتراف ڪيو آهي. ڀارتي ميڊيا رپورٽس موجب ڪروز شپ تي تلاشي جي دوران جاچ آفيسر آريان خان ۽ ارباز مرچنٽ کان سوال ڪيو تھ ھُنن وٽ ڪا نشي واري شئي آھي، سوال جي جواب ۾ ارباز مرچنٽ تسليم ڪيو تھ ان وٽ چرس آھي، جيڪو جوتن ۾ لڪيل آھي. ڀارتي ميڊيا موجب آريان خان اعتراف ڪيو آھي تھ ھو چرس پيئندو آھي ۽ ڪروز شپ تي بھ چرس پيئڻ وڃي رھيا ھئا، جاچ دوران ارباز مرچنٽ اين سي بي کي ٻڌايو تھ ھو آريان سان گڏ منشيات استعمال ڪندو رھيو آھي.










